ڪي پي ڪي جي گورنر ٽانڪ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي تي اعليٰ عملدارن کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي

پشاور-12 جنوري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٽانڪ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي تي اعليٰ عملدارن کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب افسوسناڪ واقعي تي گورنر سخت غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شهيدن جي پونئيرن ۽ ساٿين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي پوليس جي بهادر جوانن عوام جي …

پشاور-12 جنوري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٽانڪ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي تي اعليٰ عملدارن کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب افسوسناڪ واقعي تي گورنر سخت غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شهيدن جي پونئيرن ۽ ساٿين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي پوليس جي بهادر جوانن عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت خاطر شهادتون ماڻيون آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. هن چيو ته ڀارت جي پٺڀرائي رکندڙ فتنه الخوارج جون اهي ڪارروائيون اسان جا حوصلا خطا نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته صوبائي حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ صوبي جي امن کي يقيني بنائڻ ۾ عملي قدم کڻي.

مزید خبریں