اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته قومي بيانيي خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه، شڪ يا نرم رويو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته دهشتگرديءَ جي معاملي تي شڪ اصل ۾ دهشتگردن کي فائدو پهچائڻ برابر آهي، دهشتگردن لاءِ ڪنهن به قسم جو نرم رويو يا رعايت پاڪستان جي مفاد خلاف آهي. سياسي تحريڪون سؤ ڀيرا هلايون وڃن …
قومي بيانيي خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه، شڪ يا نرم رويو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته قومي بيانيي خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه، شڪ يا نرم رويو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته دهشتگرديءَ جي معاملي تي شڪ اصل ۾ دهشتگردن کي فائدو پهچائڻ برابر آهي، دهشتگردن لاءِ ڪنهن به قسم جو نرم رويو يا رعايت پاڪستان جي مفاد خلاف آهي. سياسي تحريڪون سؤ ڀيرا هلايون وڃن پر پاڪستان جي استحڪام ۽ قومي بيانيي خلاف ڪنهن قسم جي ڳالهه يا عمل برداشت نه ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن ۽ هاڻ وڌيڪ ڪنهن کي اها اجازت نه ڏني ويندي ته هو قومي سلامتي جي بنيادي مؤقف کي ڪمزور ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دهشتگردن سان همدردي آهي ته هو افغانستان هليا وڃن پر پاڪستان خلاف بيانيو يا رويو ڪنهن به صورت قبول نه هوندو. سينيٽر طلال چوڌري چيو ته توشه خانه ٽو هڪ بلڪل واضح ڪيس هو ۽ ان ۾ سزا ٿيڻي ئي هئي. هن چيو ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي ۽ ان تي سياست نه هئڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ اسان جا 1200 کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿي چڪا آهن، جن مان 60 کان 70 سيڪڙو واقعا ڪي پي ڪي ۾ پيش آيا. هن چيو ته سوال اهو آهي ته آخر ڪيترين قربانين کان پوءِ دهشتگرديءَ خلاف واضح مؤقف اختيار ڪيو ويندو. وفاقي وزير، ڪي پي ڪي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت غير قانوني رهندڙ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ لاءِ تيار ناهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان عملي قدمن کان پاسو ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم فورس موجود ناهي، هڪ به ضلعو اهڙو ناهي جتي مڪمل سيف سيٽي منصوبو فعال هجي، جڏهن ته پشاور ۾ به سيف سٽي منصوبو اڃا تائين اڻ مڪمل آهي. طلال چوڌري چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ڄاڻي واڻي فرانزڪ ليب قائم ناهي ڪئي وئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ادارن تي گهربل وسيلا خرچ نه ڪيا ويا ته جيئن دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿي سگهي. هن چيو ته دهشتگردي ڪٿان کان ٿئي ٿي، ان جا ٺڪاڻا ڪٿي آهن ۽ ڪير انهن کي سپورٽ ڪري رهيا آهن، اها ڳالهه ڪنهن کان لِڪل ناهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ڪالعدم تنظيمن جون تربيتي ڪيمپون ۽ پناهگاهون موجود آهن ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي صرف پاڪستان ئي نه پر دنيا جا ٻه درجن کان وڌيڪ ملڪ ڪري چڪا آهن، ان باوجود جيڪڏهن ڪو شڪ پيدا ڪري ٿو ته ان پويان ڪونه ڪو ڪارڻ ضرور آهي. مملڪتي وزير الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ جي پاليسي اها رهي آهي ته قومي بيانيي تي شڪ پيدا ڪيا وڃن ۽ دهشتگردن کي دهشتگرد چوڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل 22 سالن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪنهن عهديدار، وزير يا صلاحڪار تي حملو ناهي ٿيو جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ ٻين سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي دهشتگرديءَ جو نشانو بنايو ويو. طلال چوڌري چيو ته دهشتگردن خلاف کُلي ڳالهائڻ واري پارٽين ۽ اڳواڻن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو جڏهن ته شڪ پيدا ڪرڻ واريون ڌُريون پاڻ محفوظ رهن ٿيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ترجمان اڄ به سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيهڻ کان لنوائين ٿا ۽ جتي به وڃن ٿا قومي بيانيي خلاف پوزيشن وٺن ٿا. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت اهو چوي ته ڪنهن آپريشن جي اجازت نه ڏينداسين جڏهن ته دهشتگرديءَ خلاف فيصلائتي ڪارروائي اڻٽر ٿي چڪي آهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگردن لاءِ ڪنهن به قسم جو نرم رويو يا رعايت پاڪستان جي مفاد خلاف آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان جي ٻنهي پاڙيسري ملڪن مان هڪ ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻيو دهشتگرديءَ جي پُٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ان حقيقت باوجود شڪ شبها پيدا ڪرڻ سمجهه کان مٿانهون آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته قومي سلامتي، سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگرديءَ خلاف رياستي مؤقف تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سياسي تحريڪون سؤ ڀيرا هلايون وڃن پر پاڪستان جي استحڪام ۽ قومي بيانيي خلاف ڪنهن قسم جي ڳالهه يا عمل برداشت نه ڪيو ويندو. سينيٽر طلال چوڌري چيو ته جيڪو به قومي ريڊ لائنز ڪراس ڪندو ان جي سياست ختم ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته پاڪستان خلاف بيانيو بڻائڻ وارن لاءِ هن ملڪ ۾ ڪا گنجائش ناهي.











