اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪنالاجي جي استعمال سان شهرين جي لاءِ حڪومتي سهولتن تائين پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حاجين جي سهولت لاءِ هن ئي سال حج جي سمورن مرحلن کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اين آءِ ٽي بي جي معاملن …
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اين آءِ ٽي بي جي معاملن بابت جائزه اجلاس، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان شهرين جي لاءِ حڪومتي سهولتن تائين پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪنالاجي جي استعمال سان شهرين جي لاءِ حڪومتي سهولتن تائين پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حاجين جي سهولت لاءِ هن ئي سال حج جي سمورن مرحلن کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اين آءِ ٽي بي جي معاملن بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن پاران اسلام آباد ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تيارين کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حاجين جي سهولت لاءِ هن ئي سال حج جي سمورن ضروري مرحلن کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي، اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ ڪيو آر بيسڊ فيڊ بيڪ سسٽم جو جلد جائزه اجلاس ڪندس. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اين آءِ ٽي بي جي نئين سي اي او جي مقرري کانپوءِ اداري جي پوري ڍانچي کي موجوده گهرجن موجب نئين سر جوڙيو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ شهرين جي لاءِ آسان خدمت مرڪز کولڻ جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن، سرڪاري شعبي جي سمورن ادارن جي لاءِ هڪ محفوظ نئين ايپ جلد جاري ڪئي ويندي، اسپتالن ۾ سروس جي وقت سر ۽ بهتر فراهمي جي لاءِ ون پيشنٽ ون آءِ ڊي جو ٺوس نظام تياري جي آخري مرحلن ۾ آهي، ان نظام سان اسپتالن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ مريضن جي سٺي سارسنڀال ٿي سگهندي، بگ ڊيٽا جو استعمال ڪندي عدليه جي لاءِ اناليٽڪس ڊيش بورڊ پڻ جلد تيار ڪيو پيو وڃي، اين آءِ ٽي بي 145 کان وڌيڪ سرڪاري ويب سائيٽس، 126 کان وڌيڪ پورٽلز، 31 کان وڌيڪ موبائيل فون ايپلي ڪيشنز هلائي رهي آهي.











