اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مس انفارميشن موجوده دور جو سڀ کان وڏو ۽ سنگين چئلينج آهي، حڪومت، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن آءِ بي اي ڪراچي جي اهتمام هيٺ منعقد ڊائيلاگ "Can Facts Survive AI? Fighting Misinformation …
مس انفارميشن موجوده دور جو سڀ کان وڏو ۽ سنگين چئلينج آهي، حڪومت، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مس انفارميشن موجوده دور جو سڀ کان وڏو ۽ سنگين چئلينج آهي، حڪومت، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن آءِ بي اي ڪراچي جي اهتمام هيٺ منعقد ڊائيلاگ "Can Facts Survive AI? Fighting Misinformation Together” کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اهم تقريب منعقد ڪرڻ تي آءِ بي اي، سينٽر فار ايڪسيلينس اِن جرنلزم ۽ يو اين ڊي پي جا ٿورا مڃيندي چيو ته غلط معلومات موجوده دور جو هڪ وڏوچئلينج بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي فروغ کانپوءِ غلط معلومات کي منهن ڏيڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي. هن چيو ته بطور اطلاعات ۽ نشريات واري وزير ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جن ۾ پاڪستان جي پهرين ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جو قيام به شامل آهي جيڪو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو لاڳاپيل ادارو آهي. هن چيو ته وزارت جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي ذريعي معلومات جي تصديق ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته جعلي خبرن تي باقاعده فيڪ انفارميشن جو ليبل لڳايو وڃي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ويريفائي قومي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي، اهو انتهائي حوصلي جوڳو قدم آهي. آءِ بي اي آءِ ويريفائي پاڪستان جي قيام جي حوالي سان شاندار ڪم ڪيو آهي جنهن مشڪل وقت ۾ غلط معلومات کي منهن ڏيڻ ۾ موثر ڪردا ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ويريفائي جا حوالا نه رڳو قومي سطح تي ڏنا وڃن ٿا پر عالمي رسالا ۽ عالمي ميڊيا پليٽ فارمز پڻ ان کي ڪثرت سان بطور مستنند ذريعي طور استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت اڪيلي غلط معلومات جي خلاف موثر ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي. ان ڏس ۾ ميڊيا انڊسٽري تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ ميڊيا هائوسز کي اڳتي اچي پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز اي آءِ سان تيار ڪيل مواد کي واضح طور تي اي آءِ جي طور تي ليبل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير اي آءِ سان تيار ڪيل سموري مواد جي لاءِ مناسب ليبلنگ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آءِ ويريفائي جهڙو نظام نه رڳو پاڪستان ۾ ذميوار صحافت کي فروغ ڏيڻ پر جعلي خبرن جي فوري ۽ موثر نشاندهي جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ان جدوجهد ۾ پوري ڪميونٽي، حڪومت، ميڊيا هائوسز، تعليمي ادارا ۽ سول سوسائٽي سڀ پنهنجو ڪردا ادا ڪن. ڀارت سان ڇڪتاڻ جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ان جنگ ۾ انتهائي موثر انداز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ان دوران بيانيي جو چئلينج موجود هو جنهن جو اسان انتهائي موثر طريقي سان مقابلو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳتي وڌڻ جو رستو وڌيڪ هم آهنگي، وسيع تعاون ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ لڪيل آهي جنهن جي لاءِ اطلاعات واري وزارت مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مس انفارميشن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل مينڊيٽ ڏئي رکيو آهي. وفاقي وزير پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن ۽ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي کي پڻ درخواست ڪئي ته اهي اڳتي اچن ۽ ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن، انهن سان مڪمل تعاون ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته هن وقت اسان يو اين ڊي پي سان گڏ اڳ ۾ ئي هڪ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته هڪ تربيتي ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيو ويو جنهن جو مقصد نه رڳو اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن پر ميڊيا پروفيشنلز کي غلط معلومات جي تدارڪ جي لاءِ ضروري مهارتون فراهم ڪرڻ هو ته جيئن اهي موثر انداز ۾ ان چئلينج جو مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته اها ذميواري معاشري جي هر ماڻهو تي لاڳو ٿئي ٿي ته اهو اڳتي اچي ۽ ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي منظرنامي تي نظر وجهون ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي گلوبل رسڪ رپورٽ موجب دنيا کي درپيش سڀ کان وڏو خطرو معلومات جو آهي ڇو ته اها انتشار ۽ افراتفري پيدا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ويريفائي جهڙي طرح پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي، اها ساراهه جوڳي آهي ۽ اسان ان نيڪ مقصد جي لاءِ هر وقت توهان سان گڏ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کيس خاص طور تي پنهنجي نوجوان نسل مان وڏيون اميدون آهن ته اسان غلط معلومات کي شڪست ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته حقيقتون مصنوعي ذهانت جي باوجود زندهه رهي سگهن ٿيون. وفاقي وزير زور ڏنو ته سمورا سوشل ميڊيا پليٽ فارمز يقيني بڻائين ته اي آءِ کي هر شعبي ۾، ڀلي زرعي ٽيڪنالاجي، فِن ٽيڪ، هيلٿ ٽيڪ، ايڊ ٽيڪ يا ٻي ڪنهن به ٽيڪنالاجي ۾ هجي، ذميواري سان مثبت انداز ۾ استعمال ڪيو وڃي. هن ورجاءُ ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز اي آءِ سان تيار ڪيل سموري مواد کي واضح طور تي ”اي آءِ“ جي طور تي ليبل ڪن. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ مصنوعي ذهانت جو تمام گهڻو منفي استعمال به ڏٺو پيو وڃي. اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ نوجوان نسل کي تعليم ۽ آگاهي ڏيڻي پوندي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي اهو سيکارڻو پوندو ته اي آءِ کي ڪهڙي طرح ذميواري سان استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن يو اين ڊي پي، آءِ بي اي، سينٽر فار ايڪسيلينس اِن جرنلزم، ٻين ادارن ۽ خاص طور تي ميڊيا هائوسز سان تعاون ڪيو وڃي ته انشاءَ الله اسان ان چئلينج تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ صحيح حقيقتون عوام تائين پهچائي سگهون ٿا. وفاقي وزير ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڏنو ته اسان گڏجي هڪ موثر عملدرآمد جو نظام جوڙيون ۽ حقيقتون دنيا آڏو پيش ڪريون ته جيئن مصنوعي ذهانت جو غلط استعمال ڪنهن لڪيل ايجنڊا يا اهڙن نظرين جي فروغ جي لاءِ نه هجي جيڪي پاڪستان جي قومي پاليسي ۽ سماجي قدرن جي ابتڙ هجن. آخر ۾ هن سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو تمام جلد ان عظيم اداري جو دورو ڪندو.











