چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس منعقد، اهم اداره جاتي ۽ پاليسي معاملن تي غور ويچار

اسلام آباد -12 جنوري (اي پي پي) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيئرمين جي حيثيت سان ڪئي. اجلاس ۾ اهم اداره جاتي ۽ پاليسي معاملن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ …

اسلام آباد -12 جنوري (اي پي پي) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيئرمين جي حيثيت سان ڪئي. اجلاس ۾ اهم اداره جاتي ۽ پاليسي معاملن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي مستقلي بابت سفارشون به ڪيون ويون، آئين جي آرٽيڪل 175 اي (2) تحت قائم ڪور ڪميشن هاءِ ڪورٽس جي آئيني بينچن ۾ ججن جي نامزدگي جي معيار، عدالتي مقررين لاءِ اميدوارن جي انٽرويوز جي طريقيڪار ۽ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (ججز جي مقرري) رولز 2024ع ۾ وفاقي آئيني عدالت پاڪستان ۾ مقررين بابت تجويز ڪيل ترميمن تي غور ڪيو ويو. تفصيلي مشاورت کان پوءِ ڪميشن لاڳاپيل ڪميٽي کي اختيار ڏنو ته اها انهن معاملن جو جائزو وٺي ۽ انٽرويوز جي طريقيڪار ۽ قائدن ۾ ترميمن بابت سفارشون جوڙي ڪميشن آڏو پيش ڪري ته جيئن آئيني فريم ورڪ تي اثرائتي ۽ شفاف انداز ۾ عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس دوران ڪميشن اڪثريتي راءِ سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي مستقل جج طور توثيق جي سفارش ڪئي جن جي دستاويزن، پسمنظر ۽ ٻئي لاڳاپيل مواد جو جائزو ورتو ويو جن ۾ جسٽس محمد اعظم خان ايڊيشنل جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جسٽس محمد آصف ايڊيشنل جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جسٽس انعام امين منهاس ايڊيشنل جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شامل آهن. اهڙي طرح ڪميشن اتفاق راءِ سان جسٽس نجم الدين مينگل، ايڊيشنل جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مستقل جج طور توثيق جي سفارش ڪئي. جڏهن ته اڪثريتي فيصلي تحت جسٽس ايوب خان ايڊيشنل جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ طور مستقلي جي سفارش نه ڪئي وئي. 

مزید خبریں