وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ پورٽ انڊسٽريل ڪامپليڪس جي ويزن جو اجلاس

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم لاءِ هڪ جامع ماسٽر پلان تحت پورٽ انڊسٽريل ڪامپليڪس کي تيار ڪرڻ جي ڊگهي مُدي واري ويزن جو خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ موسمياتي لچڪ ۽ سخت ماحولياتي عملدرآمد تي زور ڀريو ويو. وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پورٽ انڊسٽريل ڪامپليڪس جي ويزن جي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته پورٽ …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم لاءِ هڪ جامع ماسٽر پلان تحت پورٽ انڊسٽريل ڪامپليڪس کي تيار ڪرڻ جي ڊگهي مُدي واري ويزن جو خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ موسمياتي لچڪ ۽ سخت ماحولياتي عملدرآمد تي زور ڀريو ويو. وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پورٽ انڊسٽريل ڪامپليڪس جي ويزن جي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته پورٽ قاسم جي مربوط رٿابندي ۽ مرحليوار بندرگاهه کي عالمي سطح تي ترقي ڏيارڻ، چٽاڀيٽي واري صنعت ۽ لاجسٽڪس جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو هو، جيڪو پاڪستان جي واپاري واڌ، صنعتڪاري ۽ بليو اڪانامي جي اؤسر جي وسيع مقصدن سان هم آهنگ آهي. جنيد انوار چوڌري چيو ته پورٽ قاسم موسمياتي لچڪدار صنعتي مرڪز ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ ڪيترن ئي ارب ڊالرن جا معاشي اثر پيدا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان پاڪستان جي صنعتي بنياد کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو، روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو، لکين ملازمتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون ۽ ملڪ کي هڪ چٽاڀيٽي واري علائقائي واپاري ۽ صنعت مرڪز طور تي بيهاري سگهجي ٿو. وفاقي وزر چيو ته پائيداري ۽ آبهوا جي لچڪ تي ان جو ڌيان مستقبل جي ماحولياتي ۽ اقتصادي خطرن کي به گهٽ ڪندو، ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ جي اعتماد ۾ واڌ ڪندو. وفاقي وزير جامع ماسٽر پلان تحت پورٽ قاسم جي پاڪستان جي ڊگهي مدي واري اقتصادي ترقيءَ جي سنگِ بنياد طور ان جي جٽادار اهميت تي زور ڀريو ۽ ان کي ”قومي خوشحاليءَ جو گيٽ وي“ قرار ڏنو. جنيد انوار چوڌري چيو ته ماسٽر پلان 14590 ايڪڙن جي ايراضي تي ٻَڌل آهي جنهن جو ڍانچو متوازن صنعتي ترقي، اثرائتي بندرگاهه جي آپريشنز ۽ پنجن ڏهاڪن دوران زمين جي پائيدار استعمال کي يقيني بنائڻ لاءِ بڻايو ويو آهي. هن چيو ته هي ڊگهي مُدي واري منصوبا بندي جو فريم ورڪ تسلسل، سيڙپڪارن جي اعمتاد ۽ اقتصادي لچڪ لاءِ اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پورٽ قاسم جي اندسٽريل ڪامپليڪس کي ٽن زونز ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ نارٿ ويسٽرن زون، ايسٽرن زون ۽ سائوٿ ويسٽرن زون شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته اُتر اولهه زون، 3061 ايڪڙن تي ٻَڌل آهي جيڪو مختلف قسمن جي صنعتي سرگرمين لاءِ مختص ڪيو ويو آهي جيڪو پورٽ آپريشنز سان ڳنڍيل ويليو ايڊڊ مينيوفيڪچرنگ ۽ ذيلي خدمتن جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اوڀر زون جيڪو 7273 ايڪڙن تي ٻَڌل ڪامپليڪس جو سڀ کان وڏو حصو آهي، کي بنيادي صنعت جي ڪرنگهي جي هڏي طور تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو وڏين صنعتن، روانگي واپار تي ٻَڌل يونٽس ۽ـ لاجسٽڪ سهولتن لاءِ جڳهه فراهم ڪري ٿو. جنيد انوار چوڌري چيو ته 2258 ايڪڙن تي پکڙيل ڏکڻ اولهه زون کي خاص صنعتي ۽ واپاري استعمال لاءِ مختص ڪيو ويو آهي جڏهن ته 1997 ايڪڙن جي پاڻيءَ هيٺ علائقي کي مرحليوار ترقي ۽ ماحولياتي تحفظ ذريعي منظم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پائيدار استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي. آپريشنل صلاحيت تي روشني وجهندي هن چيو ته پورٽ قاسم هن وقت 833 آپريشنل يونٽس جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو مضبوط صنعتي واڌ ۽ سيڙپڪارن جي مستقل دلچسپيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ان کان علاوه 40 يونٽ تعمير هيٺ آهن جيڪي بندرگاهن جي مستقبل جي امڪانن ۾ مسلسل واڌ ۽ اعتماد جو اشارو ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اهي انگ اکر ظاهر ڪن ته پورٽ قاسم فقط هڪ سامونڊي سهولت ناهي پر هڪ زندهه صنعتي ماحولياتي نظام آهي جيڪو مسلسل ترقي ڪندو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت وڌيڪ صنعتي سرگرمين جي حمايت ڪرڻ لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني، منظورين کي هموار ڪرڻ ۽ انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته بندرگاهه بلڪ ڪارگو، ڪيميڪلز، توانائيءَ جي آمدني واپار ۽ صنعتي خام مال کي هينڊل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح معيشت جي اهم شعبن کي سهارو ڏنو. وفاقي وزير بندرگاهه جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ، روڊن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام کي مربوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس جي پڄاڻيءَ جنيد انوار چوڌري چيو ته پورٽ قاسم انڊسٽريل ڪامپليڪس پاڪستان جي ڊگهي مُدي جي ترقي جي عزم کي هڪ مجسمو بڻائي ٿو جيڪو سيڙپڪاري، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته نظم و ضبط جي رٿابندي ۽ مسلسل پاليسي جي حمايت سان، بندرگاهه ايندڙ ڏهاڪن تائين قومي خوشحاليءَ جي گيٽ وي طور ڪم ڪندو رهندو.

مزید خبریں