اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي جا نظريا ڦهلائيندڙن جو نه ته اسلام سان ڪو تعلق آهي، نه پاڪستان سان ۽ نه ئي انسانيت سان، قومي پيغام امن ڪميٽي جو مقصد امن جي پيغام کي ڦهلائڻ آهي، اسلام امن جو مذهب آهي، اهو پيغام گهر گهر پهچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي امن …
دهشتگردي جا نظريا ڦهلائيندڙن جو نه ته اسلام سان ڪو تعلق آهي، نه پاڪستان سان ۽ نه ئي انسانيت سان، قومي پيغام امن ڪميٽي جو مقصد امن جي پيغام کي ڦهلائڻ آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي جا نظريا ڦهلائيندڙن جو نه ته اسلام سان ڪو تعلق آهي، نه پاڪستان سان ۽ نه ئي انسانيت سان، قومي پيغام امن ڪميٽي جو مقصد امن جي پيغام کي ڦهلائڻ آهي، اسلام امن جو مذهب آهي، اهو پيغام گهر گهر پهچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي امن ڪميٽي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان علماءِ ڪائونسل جو چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي سميت ٻيا عالم پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي جو بنيادي مقصد ملڪ ۾ امن جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ رياست پاڪستان جي هر شهري کي احساس ڏيارڻ آهي ته اسلام سراسري امن جو مذهب آهي ۽ انسانيت جي لاءِ امن جو پيغام کڻي آيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جا جيڪي نظريا هر ٻئي ڏينهن ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، انهن جو نه اسلام سان ڪو تعلق آهي، نه پاڪستان سان ۽ نه ئي انسانيت سان. هن واضح ڪيو ته رياست ۽ قوم اهڙن گمراهه ڪندڙ نظرين جو ڄمي مقابلو ڪندي. هن چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي جو پشاور جو دورو انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو جتي سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته اهو پيغام گهر گهر پهچي ته دين اسلام امن جو مذهب آهي ۽ اسان امن جا خواهشمند آهيون. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد ڪچهري جي واقعي ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي هينڊلرز کي گرفتار ڪيو ويو، انهن کان ملندڙ مواد ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته انهن جو اسلام سان پري پري تائين ڪو تعلق نه آهي. وفاقي وزير چيو ته اهي عنصر جن نظرين تي قائم آهن، انهن جو واحد مقصد پاڪستان کي عدم استحڪام ۾ وجهڻ آهي ۽ اهي هڪ واضح فارن فنڊنگ ايجنڊا تحت ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج ڀارت مان فنڊنگ وصول ڪري پاڪستان ۾ اچي ڌماڪا ڪن ٿا، اهو ڪهڙو اسلام آهي؟ هن چيو ته افغان حڪومت جا ڀارت سان بار بار رابطا ۽ ڳالهه ٻولهه به هڪ سواليه نشان آهي. اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن، ڪهڙا واپار يا گڏيل تعاون جا اهڙا شعبا آهن جن تي مشاورت ڪئي پئي وڃي؟ اهي ڏينهون ڏينهن بي نقاب ٿي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگرد عنصر سافٽ ٽارگيٽس کي نشانو بڻائين ٿا، ڪڏهن ڪچهرين تي حملا ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ٻارن جي بسن کي نشانو بڻائين ٿا جڏهن ته اهو واضح ڪري ڇڏڻ چاهيان ٿو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي عزم تحت پوري قوم گڏ آهي ۽ اسان کي هر صورت ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي، دهشتگردي ڪنهن به شڪل ۾ هجي، رياست پاڪستان ان جو ڀرپور ۽ فيصلائتو مقابلو ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي بااختيار ڪميٽي آهي ۽ انشاءَ الله اها پنهنجو موثر ۽ فعال ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ڀارت پاران نه رڳو دهشتگردي جي بيانيي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي پر فارن فنڊنگ ايجنڊا ۽ افغانستان جي سرزمين کي به استعمال ڪيو وڃي ٿو جن کي نه رڳو اسان موثر انداز ۾ ڪائونٽر ڪنداسين پر هر پاڪستاني شهري کي تحفظ جو احساس به ڏيارينداسين، پيغام پاڪستان ۽ پيغام امن ئي صحيح رستو آهي. هن چيو ته اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ به اسان جي فرضن ۾ شامل آهي، ان ڪميٽي جي وسيع ايجنڊا آهي، ان ۾ اقليتن کي ڀرپور نمائندگي ڏني وئي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سندس تعلق اهڙي تڪ سان آهي جتي اٽڪل 70 هزار اقليتي ووٽرز موجود آهن جن اعتماد ڪري کيس اسيمبلي تائين پهچايو، ان ۾ بشپ آرچ مارشل صاحب جو پڻ وڏو ڪردار آهي، آئون سندس دل سان ٿورائتو آهيان. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته انشاءَ الله امن جي پيغام کي پوري ملڪ ۾ عام ڪيو ويندو. رياست پاڪستان هر شهري کي تحفظ جو احساس ڏياريندي ۽ ڪنهن به شرپسند يا دهشتگرد کي پنهنجو گمراهه ڪندڙ بيانيو وڌائڻ جي اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي ۾ معاشري جي هر طبقي کي شموليت جي دعوت ڏني ويندي ۽ اها ڪميٽي اسلام جي اصل روح موجب پوري پاڪستان ۾ امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو پيغام کڻي ايندي.











