پشاور -12جنوري (اي پي پي) پشاور جي علائقي ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊي پي او ٽانڪ شبير حسين شاهه مطابق ڪي پي ڪي ۾ ٽانڪ جي علائقي گومل ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول بم حملو ڪيو ويو. اهو حملو ٽانڪ جي علائقي ڪوٽ ولي کان 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪيو …
ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملو، ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار شهيد

مزید خبریں
پشاور -12جنوري (اي پي پي) پشاور جي علائقي ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊي پي او ٽانڪ شبير حسين شاهه مطابق ڪي پي ڪي ۾ ٽانڪ جي علائقي گومل ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول بم حملو ڪيو ويو. اهو حملو ٽانڪ جي علائقي ڪوٽ ولي کان 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي. ڊي پي او مطابق ڌماڪي ۾ ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون، جتان لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بڪتربند گاڏي گومل کان ٽانڪ اچي رهي هئي ته حملي جو نشانوڻو بڻجي وئي، حملي ۾ شهيد ٿيلن ۾ ايس ايڇ او اسحاق، اي ايس آءِ شير عالم، شفيع، حضرت علي، احسان الله مجيد ڊرائيور شامل آهن. سيڪيورٽي فورسز واقعي جو اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.











