اسلام آباد -12جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٽانڪ ۾ پوليس گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي، ته اهو سڄي قوم لاءِ افسوسناڪ واقعو آهي، ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتر بند گاڏي تي ٿيل بزدلاڻو ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪو سڄي قوم لاءِ افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن ۾ اسان جي 6 بهادر جوانن شهادت …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران ٽانڪ ۾ پوليس گاڏي تي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد -12جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٽانڪ ۾ پوليس گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي، ته اهو سڄي قوم لاءِ افسوسناڪ واقعو آهي، ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتر بند گاڏي تي ٿيل بزدلاڻو ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪو سڄي قوم لاءِ افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن ۾ اسان جي 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي، اهو حملو انسانيت، امن ۽ پاڪستان خلاف کليل دهشتگردي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته اسان شهيدن جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعاڳو آهيون ته رب پاڪ کين صبر عطا فرمائي. هن چيو ته پاڪستان پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون اهي قربانيون اسان جي آزادي، امن ۽ سلامتي جي ضمانت آهن، انشاء الله دهشتگردي خلاف اها جنگ انهن قربانين جي صدقي ضرور سرخرو ٿيندي.











