پشاور -12 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٽانڪ جي علائقي گومل ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي ۽ پوليس جي شهيدن جي پونئرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گورنر جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف ڪي پي ڪي …
ڪي پي ڪي جي گورنر پاران ٽانڪ ۾ پوليس جي گاڏي تي حملي جي مذمت

مزید خبریں
پشاور -12 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٽانڪ جي علائقي گومل ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي ۽ پوليس جي شهيدن جي پونئرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گورنر جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف ڪي پي ڪي پوليس فرنٽ لائين تي مقابلو ڪري رهي آهي، امن لاءِ پوليس جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته دهشتگردن خلاف ڪي پي ڪي پوليس جي بهادري ۽ بلند عزم تعريف جوڳو آهي. ڌماڪي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.










