سينيٽ چيئرمين پاران ٽانڪ ۾ بڪتربند گاڏي تي حملي جي مذمت

اسلام آباد -12جنوري (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٽانڪ ضلعي جي علائقي گومل بازار روڊ تي بڪتربند گاڏي تي ٿيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين ان افسوسناڪ واقعي ۾ گومل ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او اسحاق خان سميت ٻين پوليس اهلڪارن جي شهادت تي سندن پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي پيشيواراڻين خدمتن تي خراج …

اسلام آباد -12جنوري (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٽانڪ ضلعي جي علائقي گومل بازار روڊ تي بڪتربند گاڏي تي ٿيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين ان افسوسناڪ واقعي ۾ گومل ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او اسحاق خان سميت ٻين پوليس اهلڪارن جي شهادت تي سندن پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي پيشيواراڻين خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم پوليس جي بهادر سپوتن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن چيو ته دهشتگرد عنصر اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن.  پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن شهيدن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

مزید خبریں