اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 …
واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت رپورٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 14 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 هزار 100 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1200.25 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.266 ملين ايڪڙ فٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.00 فٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.112 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











