اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 13 کان 16 جنوري تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. دوري دوران صدر بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن …
صدر آصف علي زرداري 13 کان 16 جنوري تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 13 کان 16 جنوري تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. دوري دوران صدر بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان دوري سان ڀائر نار ملڪ سان پاڪستان جي پراڻي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ واپار ۽ اقتصادي حصيداري، دفاع ۽ سلامتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ تعاون جي نئين موقعن کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.











