وزيراعظم شهباز شريف پاران ٽانڪ ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي …

اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں