پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي آءِ ٽي شعبي جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف

لاهور-11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي آءِ ٽي شعبي جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آءِ ٽي جي ترقي لاءِ قائم ڪيل عرفه ڪريم فائونڊيشن جو قيام هڪ سٺو عمل آهي، جنهن جي حڪومتي سطح تي هر ممڪن مدد کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان …

لاهور-11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي آءِ ٽي شعبي جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آءِ ٽي جي ترقي لاءِ قائم ڪيل عرفه ڪريم فائونڊيشن جو قيام هڪ سٺو عمل آهي، جنهن جي حڪومتي سطح تي هر ممڪن مدد کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن آءِ ٽي ماهر مرحومه عرفه ڪريم رنڌاوا جي والدين ثمينه امجد، امجد ڪريم رنڌاوا ۽ عرفه ڪريم فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيٽو تابنده اسلام سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرفه ڪريم جي ننڍي عمر ۾ ئي آءِ ٽي جي ميدان ۾ خدمتن ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته عرفه ڪريم جي آءِ ٽي شعبي ۾ لازوال خدمتن جي اعتراف ۾ لاهور ۾ واقع آءِ ٽي ٽآور کي مرحومه جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، جيڪو عرفه ڪريم ٽاور جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پاڪستان کي خطي ۾ آءِ ٽي شعبي جو مرڪز بڻائڻ لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي جي تعليم ۽ تربيت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ انٽر پرينيورشپ جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، هلندڙ سال به وفاقي حڪومت طرفان اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن. عرفه ڪريم مرحوم جي والدين وزيراعظم جي قيادت هيٺ آءِ ٽي شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو.

مزید خبریں