سمنڊ پار پاڪستانين پاران پروپيگنڊا کي رد ڪندي وطن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ پنهنجي ملڪ سان محبت جو اعليٰ مثال آهي: وزيراعظم شهباز شريف

لاهور-11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊسمبر 2025ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين سان ٿورن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين پروپيگنڊا کي رد ڪندي وطن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ سندن پنهنجي ملڪ سان محبت جو اعليٰ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم …

لاهور-11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊسمبر 2025ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين سان ٿورن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين پروپيگنڊا کي رد ڪندي وطن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ سندن پنهنجي ملڪ سان محبت جو اعليٰ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2025ع ۾ محب وطن سمنڊ پار پاڪستانين 3.6 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو، جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 16.5 سيڪڙو اضافو سمنڊ پار پاڪستانين جو حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو پروپيگنڊا کي رد ڪري وطن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ سندن پنهنجي ملڪ سان محبت جو اعليٰ مثال آهي. سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مون سميت پوري قوم کي مٿن فخر آهي. سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ قدم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن.

مزید خبریں