نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جو صوماليه جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو عزم

جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرائيل پاران هٿ ٺوڪي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ واري قدم کي غيرقانوني ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏيندي صوماليه جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22هين غير معمولي اجلاس کي خطاب …

جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرائيل پاران هٿ ٺوڪي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ واري قدم کي غيرقانوني ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏيندي صوماليه جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22هين غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار اسرائيل پاران هٿ ٺوڪي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ واري قدم کي  غيرقانوني ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ صوماليه جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهو قدم هڪ خطرناڪ نظريو قائم ڪري ٿو، جنهن جا آفريقا ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا. هن فلسطين مسئلي  لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد ۽ خودمختيار فلسطين رياست جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.  جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي تي زور ڀريو ته اها ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ تيزي آڻي ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي جائز خواهشن مطابق يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪري. اي پي پي/ ع – ا / س – و / ج – پ 14:25

مزید خبریں