نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

جده -11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غير …

جده -11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اهو اجلاس وفاقي جمهوريه صوماليه جي خطي صومالي لينڊ کي اسرائيل پاران تسليم ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل سنگين نقصانن تي غور لاءِ منعقد ڪيو ويو هو. پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسرائيل پاران صومالي لينڊ کي غير قانوني طور تسليم ڪرڻ ۽ اسرائيل جي اهلڪارن جي صومالي لينڊ تي بنا جواز ۽ انتهائي چڙ ڏياريندڙ دوري جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن انهن قدمن کي سياسي جارحيت ۽ صوماليه جي عالمي طور مڃيل سرحدن تي سڌي ريت حملو قرار ڏنو. هن  فلسطيني عوام جي جبري بي دخلي بابت ڪنهن به تجويز کي رد ڪيو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطين رياست جي قيام لاءِ پاڪستان جي اصولي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جنهن جي گادي جو هنڌ القدس الشريف هجي. او آءِ سي پاران ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ اصولي موقف ۽ لڳاتار حمايت جي تعريف ڪندي نائب وزيراعظم تنظيم تي زور ڀريو ته هو ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي آڻي. پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ان غير معمولي اجلاس جي موقعي تي سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي ڪيترن ئي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ان غير معمولي اجلاس جي منعقد  ٿيڻ سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اجتماعي عزم جو ڀرپور اظهار ٿيو آهي ۽ عالمي برادري کي رياستي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي اصولن جي احترام جي انتهائي اهميت بابت هڪ واضح پيغام ڏنو ويو آهي.  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران ان غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت صوماليه جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو هڪ عملي مثال آهي. اي پي پي/ ع – ا / س – و / ج – پ 14:20

مزید خبریں