نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ سان ملاقات

جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪونسل جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسرائيل پاران جمهوريه صوماليه جي علائقي ”صومالي لينڊ“ کي تسيلم ڪرڻ جي مذمت ڪندي صوماليه جي خودمختياري، …

جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪونسل جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسرائيل پاران جمهوريه صوماليه جي علائقي ”صومالي لينڊ“ کي تسيلم ڪرڻ جي مذمت ڪندي صوماليه جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جي حمايت جو اظهار ڪيو. فلسطينين جي ڪنهن به قسم جي جبري لڏ پلاڻ واري تجويز کي رد ڪندي هن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڀريو ته هو ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪري. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل مسلمان امت جي بنيادي مسئلن جي حل جي حمايت ۾ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي پاڪستان جي مستقل ۽ تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں