جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، جده ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22هين غير معمولي اجلاس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي ڌرين، ٻه طرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ غزه سميت …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات

مزید خبریں
جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، جده ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22هين غير معمولي اجلاس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي ڌرين، ٻه طرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ غزه سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عالمي قانون ۽ فلسطيني عوام جي منصفاڻي حق جي حمايت تي زور ڀريو.











