اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جده ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22 هين غير معمولي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي جده ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22 هين غير معمولي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جده ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22 هين غير معمولي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف شعبن، خاص ڪري اعليٰ سطحي ڏي وٺ، واپار ۽ تعليمي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون.











