اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ٻن ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، آپريشنز جي نتيجي ۾ 11 خوارجي مارجي ويا. جاري بيان ۾ محسن نقوي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ تيز رفتار ڪارروائي جي تعريف ڪندي چيو ته هنن خوارج جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ خطي ۾ امن …
گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ٻن ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، آپريشنز جي نتيجي ۾ 11 خوارجي مارجي ويا. جاري بيان ۾ محسن نقوي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ تيز رفتار ڪارروائي جي تعريف ڪندي چيو ته هنن خوارج جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ خطي ۾ امن جي حفاظت ڪئي. هن چيو ته وقت سر ۽ اثرائتيون ڪارروائيون دهشتگردن جي خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ فورسز جي پختي عزم کي ظاهر ڪن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته خوارج جي خاتمي لاءِ اسان سيڪيورٽي فورسز کي انهن ڪامياب ڪارروائين تي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ڪي پي ڪي مان ان لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهيون. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگرد عنصرن کي صوبي ۾ لِڪڻ جي ڪا به جاءِ نه ملندي، قوم جي مسلسل حمايت سان اهڙن انتهاپسندن جو خاتمو ممڪن ٿيندو.











