اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر صحافي شڪيل انجم جي گهرواري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ مان جاري تعزيتي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته شڪيل انجم ۽ سندن ڪٽنب لاءِ اهو نهايت سخت وقت آهي. مرحومه جو لاڏاڻو شڪيل انجم ۽ سندس ڪٽنب لاءِ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سينيئر صحافي شڪيل انجم جي گهرواري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر صحافي شڪيل انجم جي گهرواري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ مان جاري تعزيتي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته شڪيل انجم ۽ سندن ڪٽنب لاءِ اهو نهايت سخت وقت آهي. مرحومه جو لاڏاڻو شڪيل انجم ۽ سندس ڪٽنب لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. هن سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ آئون توهان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر، الله تعاليٰ کان مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











