اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر صحافي شڪيل انجم جي گهرواري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري تعزيتي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو شڪيل انجم ۽ سندس ڪٽنب لاءِ تمام وڏو سانحو آهي. هن چيو ته افسوسناڪ واقعو …
سينيٽ چيئرمين پاران سينيئر صحافي شڪيل انجم جي گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر صحافي شڪيل انجم جي گهرواري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري تعزيتي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو شڪيل انجم ۽ سندس ڪٽنب لاءِ تمام وڏو سانحو آهي. هن چيو ته افسوسناڪ واقعو نه صرف شڪيل انجم پر سندس پوري خاندان کي هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن جو ازالو ممڪن ناهي. سيد يوسف رضا گيلاني سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ شڪيل انجم ۽ سندس گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن، دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، مرحومه جي درجن جي بلندي فرمائي ۽ پوئينرن کي اهو عظيم صدمو برادشت ڪرڻ لاءِ صبر عطافرمائي. سينيٽ چيئرمين، مرحومه لاءِ مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ حوصلي ۽ صبر جي دعا ڪئي.











