اسلام آباد -10 جنوري (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن م منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 63.18 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران انڊسٽريل ايريا لاهور ويجهو جوابدار جي قبضي مان 2.4 ڪلوگرام …
اينٽي نارڪوٽڪس فورس جون ڪارروائيون، هڪ ڪروڙ 74 لک رپين جي ماليت 63.18 ڪلوگرام منشيات هٿ، 5 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد -10 جنوري (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن م منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 63.18 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران انڊسٽريل ايريا لاهور ويجهو جوابدار جي قبضي مان 2.4 ڪلوگرام چرس ۽ 325 گرام وزني 660 ايڪسٽيسي گوريون هٿ ڪيون ويون. گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آيه. ٻين ڪارروائين دوران حيات آباد ٽول پلازه پشاور ويجهو گاڏي مان 36 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪسٽم چوڪ پشاور ويجهو هيٽر ۾ لڪايل 1.5 ڪلوگرام آئيس ۽ 1.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. سنگجاڻي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو بيساکي ۾ لڪايل 1.5 ڪلوگرام آئيس ۽ 100 گرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. يادگار چوڪ لاهور ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ پارسل مان 20.16 ڪلوگرام وزني 28800 واليم گوريون جڏهن ته شپنگ ايريا ڪراچي ۾ ڪوريئر آفيس ۾ پارسل مان 106.4 ڪلوگرام وزني 364800 واليم گوريون هٿ ڪيون ويون. منشيات جي روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











