سون جي قيمت ۾ 3700 رپين جي واڌ، في تولو سون 4 لک 73 هزار 262 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 73 هزار 2 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 73 هزار 2 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 3172 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 5 هزار 745 رپيا، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 2908 رپين جي …

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 73 هزار 2 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 73 هزار 2 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 3172 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 5 هزار 745 رپيا، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 2908 رپين جي واڌ سان 3 لک 71 هزار 946 رپين تائين پهچي وئي.ساڳئي طرح في تولو چانديءِ جي قميت به 270 رپين جي واڌ سان 8 هزار 465 رپيا جڏهن ته 10 گرام چانديءِ جي قيمت 323 رپين جي واڌ سان 7 هزار 257 رپيا ٿي وئي.

مزید خبریں