نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ ڇنڇر ڏينهن سعودي عرب ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو غيرمعمولي اجلاس اسرائيل پاران وفاقي جمهوريه صوماليه جي نام نهاد خطي ”صومالي لينڊ“ کي تسليم ڪرڻ جي ممڪن اثرن جو جائزو وٺڻ جي …

اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ ڇنڇر ڏينهن سعودي عرب ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو غيرمعمولي اجلاس اسرائيل پاران وفاقي جمهوريه صوماليه جي نام نهاد خطي ”صومالي لينڊ“ کي تسليم ڪرڻ جي ممڪن اثرن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ گهرايو ويو آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صومالي لينڊ بابت معاملي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو جڏهن ته او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مزید خبریں