سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3400 رپيا في تولو واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولي جي اگهه ۾ 3400 رپيا واڌ سان في تولو سون 4 لک 69 هزار 562 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي اگهه ۾ 3400 رپيا واڌ کانپوءِ سون جو في تولو 4 لک 69 هزار 562 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي اگهه …

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولي جي اگهه ۾ 3400 رپيا واڌ سان في تولو سون 4 لک 69 هزار 562 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي اگهه ۾ 3400 رپيا واڌ کانپوءِ سون جو في تولو 4 لک 69 هزار 562 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي اگهه ۾ به 2915 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 99 هزار 658 رپين کان وڌي 4 لک 2573 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط جي سون جو اگهه 3 لک 66366 رپين کان وڌي 3 لک 69038 رپيا ٿي ويو. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن چيو آهي ته في تولو چانديءَ جي اگهه ۾ 70 رپيا واڌ کانپوءِ 8195 رپيا تولو ۽ 10 گرام چاندي جي اگهه 60 رپيا واڌ کانپوءِ 7025 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4438 ڊالرن کان وڌي 4472 ڊالر ٿي ويو.

مزید خبریں