اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڄ قوم دهشتگردي جو جيڪو خميازو ڀوڳي رهي آهي، ان جي پٺيان تحريڪ انتشار جي سياسي ونگ آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي بابت ڳالهه ڪندي پي ٽي آءِ وارن جون زبانون هٻڪي وڃن ٿيون، ٽي ٽي پي پاڪستان جي دشمن آهي، آخري دم تائين ان جو پيڇو ڪري ان جو …
اڄ قوم دهشتگردي جو جيڪو خميازو ڀوڳي رهي آهي، ان جي پٺيان تحريڪ انتشار جي سياسي ونگ آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي بابت ڳالهه ڪندي پي ٽي آءِ وارن جون زبانون هٻڪي وڃن ٿيون، ٽي ٽي پي پاڪستان جي دشمن آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڄ قوم دهشتگردي جو جيڪو خميازو ڀوڳي رهي آهي، ان جي پٺيان تحريڪ انتشار جي سياسي ونگ آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي بابت ڳالهه ڪندي پي ٽي آءِ وارن جون زبانون هٻڪي وڃن ٿيون، ٽي ٽي پي پاڪستان جي دشمن آهي، آخري دم تائين ان جو پيڇو ڪري ان جو خاتمو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ زاهد حامد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سال 2025ع هر لحاظ کان ڪاميابين جو سال ثابت ٿيو، انهي سال پاڪستان معرڪه حق ۾ فيصلائتي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج فتح حاصل ڪئي. هن چيو ته 2025ع جتي عسڪري ڪاميابين جو سال رهيو اتي معاشي محاذ تي پڻ ملڪ کي نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون، معيشت کي سمجهندڙ ميڊيا جي ماڻهن پاران جڏهن معاشي معاملن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته ان کي مثبت اڳڀرائي سمجهان ٿو. وفاقي وزير چيو ته هڪ وقت هو جڏهن ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو بيٺل هو، فارن ايڪسچينج ريزروز ۾ گهٽتائي، ڊالر جي قيمت ۾ لاها چاڙها، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، ڪاروباري سرگرمين جو جمود، برآمدات جي بندش، ايل سيز جو نه کلڻ ۽ مجموعي طور تي غيريقيني واري ڪيفيت موجود هئي، ايستائين جو اهي قياس آرائيون ٿي رهيون هيون ته ملڪ اڄ ڊيفالٽ ڪندو يا سڀاڻي. هن چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته اهو ئي ٿئي ها جنهن جي خواهش جو اظهار سياسي مخالف ڪندا رهيا ۽ ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي ها ته بئنڪن جي ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳي وڃن ها، عوام ۾ شديد خوف ۽ هراس پکڙجي وڃي ها، رقم ڪڍرائڻ جي ڊوڙ، ڦرلٽ، عالمي ايئرلائينز جي پاڪستان اچڻ جي بندش ۽ ٻين ملڪن سان واپاري رابطا معطل ٿي وڃن ها، جنهن سان ملڪ ۾ مڪمل افراتفري جي صورتحال پيدا ٿي وڃي ها. وفاقي وزير چيو ته الحمدالله موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ڊيفالٽ جي ويجهو کان نڪري هڪ اڀرندڙ معيشت طرف گامزن ٿي چڪو آهي، ملڪي اسٽاڪ مارڪيٽ روزاني جي بنياد تي نئين بلندين تائين پهچي رهي آهي جنهن جو بنيادي سبب حڪومتي پاليسين تي بزنس ڪميونٽي، صنعتڪارن ۽ واپارين جو وڌندڙ اعتماد آهي. هن چيو ته ڪاروباري طبقو چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته ملڪ ۾ اسٽرڪچرل ريفارمز جو عمل جاري آهي ۽ وزيراعظم پاران قومي مفاد ۾ معيشت جي حوالي سان کنيل قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي چڪا آهن، ان پوري عمل ۾ رياستي ادارن جو پڻ ڀرپور ڪردار آهي. وفاقي وزير چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس ٽيم جي قيادت ۾ اڪنامڪ ريوائيول جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن، رڳو ڊسمبر جي مهيني ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 3.6 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو هر سال جي بنياد تي 17 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ان جي باوجود هڪ سياسي پارٽي پاران اوورسيز پاڪستانين کي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان نه موڪلڻ ۽ بائيڪاٽ جي ڪال ڏني جڏهن ته وزيراعظم ۽ حڪومت پاران اوورسيز پاڪستانين کي سلام پيش ڪريان ٿو جن مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ملڪي معيشت ۾ گروٿ جو مومنٽم برقرار آهي، فارن ايڪسچينج ريزروز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اوورسيز پاڪستاني ڀرپور اعتماد سان سرمايو ۽ مٽاسٽا جو ناڻو وطن موڪلي رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جو ٻين ملڪن سان واپاري رابطن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ دورن دوران هر فورم تي پاڪستاني مصنوعات جي فروغ جي ڳالهه ڪري ٿو، ملائيشيا پاڪستان مان حلال گوشت ۽ چانور درآمد ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان ايندڙ اعليٰ سطحي وفدن ۽ ملڪي سربراهن سان پڻ ٻطرفو واپار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ٿي ۽ اهي پاڪستان سان واپاري تعاون ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ٻاهرئين ملڪ دورن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي پر اهو ڏسڻ گهرجي ته انهن دورن جا ملڪي معيشت تي ڪهڙا مثبت اثر پئجي رهيا آهن. وزيراعظم جنهن به ملڪ جو دورو ڪري ٿو اتي واپاري محاذ تي نيون ڪاميابيون حاصل ٿين ٿيون، جيڪي ماڻهو اهو چون ٿا ته ايترن وڌيڪ دورن جي ڪهڙي ضرورت آهي اهي حقيقت ۾ نادان آهن، وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ جا دورا دعوت تي ڪري ٿو، دعا ڪرڻ گهرجي ته هر وزيراعظم کي سڄي دنيا مان دعوتون ملن ۽ پاڪستان جي اعزاز ۾ غيرملڪي سربراهن جو دورو ٿئي. هن چيو ته هڪ وقت هو جڏهن هڪ شخص تڪبر جي انداز ۾ ٽنگ تي ٽنگ رکي چوندو هو ته توهان جي ثقافت ۽ تاريخ توهان کان وڌيڪ مون کي خبر آهي، ان طرزعمل جو نتيجو اهو نڪتو ته اوڀر به ناراض ٿيو ۽ اولهه به، هڪ ماڻهو جي ڪري پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار ٿيو. اڄ صورتحال اها آهي ته دنيا جا ملڪ پاڪستان جي لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇائي رهيا آهن جيڪو وزيراعظم ۽ پوري قوم جي وقار ۽ عزت جي عڪاسي ڪري ٿو، عالمي اڏامن جي ٻيهر شروعات ٿي چڪي آهي ۽ عالمي برادري پاڪستان سان واپار ۽ دفاعي شعبي ۾ تعاون جي خواهشمند آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان سپر ليگ جي ٽيمن جو شفاف انداز ۾ آڪشن ٿيو جنهن کي پوري دنيا ڏٺو، هڪ گروپ جو تعلق آسٽريليا ۾ رهندڙ اوورسيز پاڪستانين سان جڏهن ته ٻئي گروپ جو تعلق آمريڪا سان آهي، ٻنهي گروپس جي سربراهن چيو ته دنيا بدلجي چڪي آهي، اسان پاڪستان آيا آهيون، اسان پي ايس ايل جون ٻه ٽيمون خريد ڪيون آهن ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان اهو سرمايو آمريڪا ۾ به لڳائي سگهياسين پئي، انهن ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري هڪ اهم سنگ ميل آهي، اوورسيز پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فخر جوڳو سمجهن ٿا، پاڪستان هاڻي سفارتي محاذ تي مسلسل ڪاميابيون سهيڙي رهيو آهي، ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ کانپوءِ دنيا پاڪستان جي معترف آهي، اڄ پاڪستان جي گرين پاسپورٽ کي هر جڳهه تي عزت ۽ وقار ملي رهيو آهي. سعودي عرب سان دفاعي معاهدي ۽ پاليسي فريم ورڪ جڏهن ته ملائيشيا سان واپاري ميدان ۾ اڳڀرائي حڪومت جي اهم ڪاميابين ۾ شامل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه پاڪستان جو پيارو ۽ عزيز صوبو آهي جتان جي عوام غيرتمند ۽ بهادر آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اتي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن جي سوچ محدود ۽ رويو افسوس جوڳو آهي. لاهور جي دوري جي موقعي تي هن عورتن جي توهين ڪئي، پنجاب جي اطلاعات واري وزير بابت جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا اهي ڪنهن به مرد کي نه ٿا سونهن، اهو طرزعمل شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، هڪ صوبي جو وزير جيڪڏهن ٻئي صوبي جي عورت اطلاعات واري وزير بابت اهڙي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي سوچڻ گهرجي ته ڇا هو اهي ئي لفظ پنهنجي ڀينرن ڌيئرن بابت استعمال ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته عورتن کي نشانو بڻائڻ بزدل ماڻهن جو ڪم آهي، اهو بزدلي جو بدترين مثال آهي، جيڪڏهن انهن جي بزدلي بيان ڪرڻ شروع ڪئي وڃي ته ماڻهو شرمائي ويندا ته اهڙن عنصرن وٽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته هڪ ٽي وي پروگرام ۾ خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري وزير آڏو تحريڪ طالبان پاڪستان جو نالو ورتو ويو ته هو لاجواب ٿي ويو جيتوڻيڪ ٽي ٽي پي پاڪستان جي دشمن آهي ۽ رياست ان جو رت جي آخري ڦڙي تائين پيڇو ڪندي، اسان کي پاڪ فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ انهن جوانن تي مڪمل اعتماد آهي جيڪي روزانو جان هٿيلي تي رکي گهر مان نڪرن ٿا، جن کي انهن جون مائرون ۽ گهر وارا دعائن ۽ ان عزم سان رخصت ڪن ٿا ته اهي دشمن جو مقابلو ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن خوش قسمت هوندا ته شهادت جو رتبو ماڻيندا. هن چيو ته اهڙا باهمت ۽ قرباني ڏيندڙ ماڻهو هن ملڪ ۾ موجود آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ انهن جو ڪردار اهو آهي ته اهي عورتن کي طعنيٰ ڏين ٿا، تذليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٽي ٽي پي ٻاهرئين فنڊنگ، را ۽ ڀارتي سرپرستي تحت پاڪستان تي حملا ڪري ٿي پر خيبرپختونخواهه حڪومت جي نمائندن پاران ان جي مذمت ۾ ٻه لفظ به ادا نه ٿا ڪيا وڃن، طعنيٰ هڻڻ وقت انهن جي زبان جاري هوندي آهي پر جڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان جو ذڪر اچي ٿو ته گهٻرائي خاموش ٿي وڃن ٿا، انهن جو ليڊر دهشتگردن کي شهيد چوندو رهيو، پر پاڪ فوج جي ڪنهن جوان جي لاءِ ڪڏهن هڪ لفظ تائين لکڻ يا چوڻ جي جرئت نه ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عوامي نيشنل پارٽي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنهنجي پيارن جا لاش کڻي ٿي، بلور خاندان دهشتگردي جو نشانو بڻيو ۽ ان جون قربانيون تاريخ جو حصو آهن. ان جي ابتڙ پاڪستان تحريڪ انصاف دهشتگردن جي خلاف نرم دل رکي ٿي، پي ٽي آءِ وارا ڊڄن ٿا ته اسان تي حملو نه ٿئي، انهن تي حملو ان لاءِ نه ٿو ٿئي ته اهي انهن جي سهولتڪاري ڪن ٿا، انهن کي پناهگاهون فراهم ڪيون وڃن ٿيون، واپس آڻي رهايو وڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد کانپوءِ ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿي چڪو هو جڏهن ته تحريڪ انصاف ٻيهر دهشتگرد عنصرن کي واپس آڻي رهايو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي فيلڊ مارشل ۽ پاڪ فوج جي خلاف تنقيدي بيان ته ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر پاڪ فوج جي ڪنهن جوان يا آفيسر جي حق ۾ هڪ لفظ به نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته اڄ قوم دهشتگردي جو جيڪو خميازو ڀوڳي رهي آهي، ان جي پٺيان تحريڪ انتشار جي سياسي ونگ آهي، انهي جي ڪري انهن جا ترجمان به تحريڪ طالبان پاڪستان جي خلاف ڳالهه ڪرڻ کان گهٻرائين ٿا، اهو ئي انهن جي نام نهاد بهادري ۽ حوصلي جو معيار آهي. هن چيو ته اهي ٽي ٽي پي ۾ 10 سٺن ماڻهن جو نالو ٻڌائي ڇڏين جيڪي پرو پاڪستاني هجن ۽ جن جون خدمتون پاڪستان جي محبت ۾ هجن، حقيقت اها آهي ته اهي اندر کان کوکلا ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته وفاق، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومتي قدمن جا ثمر واضح طور تي نظر اچي رهيا آهن، پنجاب جي ترقي ڪنهن کان لڪيل نه آهي، صوبي ۾ اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون فعال آهن، اليڪٽرڪ بسون هلي رهيون آهن، جديد ترين آءِ ٽي ادارا قائم ٿي رهيا آهن، بيوٽيفڪيشن جا منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن، پارڪس ٺهي رهيا آهن ۽ هر شعبي ۾ ترقي جو سفر جاري آهي. ان جي ابتڙ هڪ صوبو اهڙو آهي جتي هڪ سياسي پارٽي گذريل 12 سالن کان اقتدار ۾ آهي پر اتي گورننس مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته جڏهن ڪير اها دعويٰ ڪري ٿو ته ليڊي ريڊنگ اسپتال به تحريڪ انصاف ٺاهي ته ان تي افسوس سان کل به اچي ٿي، ڪاش اهي ماڻهو لاهور ۽ پنجاب جو ويزن خيبرپختونخواهه کڻي اچن، ڏسن ته گرين بسون ڪيئن هلايون ويون، شهباز شريف ميٽرو بس ۽ اورنج لائين جو جديد نظام ڪيئن متعارف ڪرايو، سيف سٽيز جي ڪئميرائن جو اهو ماڊل ڪهڙو آهي جنهن کي شهباز شريف شروع ڪيو ۽ مريم نواز ان کي اڳتي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته ڪاش اهي ماڻهو صحت جي نظام کي سنجيدگي سان اسٽڊي ڪن، رڳو نعرا لڳائڻ، حبيب جالب جا شعر پڙهڻ ۽ تقريرن تي دارومدار ڪن ٿا، اهي يونيورسٽين ۾ تاڙيون وڄائي ۽ نعريبازي ڪري خوش ٿي وڃن ٿا، نيون يونيورسٽيون ٺاهي ڏيکارين، اهي رڳو ڪرتب ڏيکارڻ جا ماهر آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جڏهن انهن کان پڇيو وڃي ته صحت ۽ تعليم جي صورتحال ڇا آهي ته حقيقتون سامهون اچي وڃن ٿيون، خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪير علاج ڪرائڻ جي لاءِ تيار نه آهي، راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ سڀ کان وڌيڪ مريض خيبرپختونخواهه مان اچن ٿا، پوري ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ ليڊر ڊاڪٽر موجود آهي، ڇا اهو ڪم ڪنهن ٻئي کي اچي ڪرڻو هو، جيڪڏهن اهي ضلعا مسلم ليگ (ن) کي ڏنا وڃن ته اسان اتي ڪم ڪري ڏيکاريون. هن چيو ته صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي تائين ميسر نه آهي ۽ دعوائون وڏيون وڏيون ڪيون پيون وڃن، درجن کان وڌيڪ يونيورسٽيون اهڙيون آهن جتي عملو موجود نه آهي، جتي عملو آهي اتي پگهارن جي لاءِ فنڊز نه آهن، سڄي صوبي ۾ 5 کان 17 سالن جي عمر جا 49 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. وفاقي وزير چيو ته تورغر، ڪوهستان، لوئر ڪوهستان ۽ الائي پالس جهڙن علائقن ۾ ڇوڪرين جي لاءِ هڪ به ڪاليج موجود نه آهي، ڪوهستان ۾ اربين رپين جا اسڪينڊلز سامهون اچي وڃن ٿا پر ٻارڙين جي لاءِ هڪ تعليمي ادارو قائم نه ٿو ڪيو وڃي، لوئر دير ميڊيڪل ڪاليج تيمر گره تي 4 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، اسٽاف ڀرتي ٿي چڪو آهي، 32 ڪروڙ رپيا ماهوار پگهارون ادا ڪيون پيون وڃن پر ان جي باوجود ڪاليج آپريشنل نه آهي. هن چيو ته راندين جا ميدان، صحت ۽ تعليم جون سهولتون، سموريون حالتون سڀني جي سامهون آهن، انهن کان پڇيو وڃي ته انهن وٽ انهن شعبن جي لاءِ روڊ ميپ آهي ته جواب ۾ شعر ۽ شاعري ڪري وٺن ٿا، وڪٽري جو نشان ٺاهين ٿا، دهشتگردي جي خلاف ڳالهه ناهي ڪرڻي پر عورتن جي خلاف طعنيٰ ضرور ڏيڻا آهن، گورننس جي خراب صورتحال به سڀني جي سامهون آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اتي سياسي عنصرن جا دهشتگردن سان رابطا موجود آهن، تيل ۽ منشيات جي اسمگلنگ، کاڌي پيتي جي شين، ٽمبر ۽ ٽوبيڪو مافيا سرگرم آهي، انهن ئي نيٽ ورڪس جي ذريعي انهن جا ڪاروبار هلن ٿا، اهو انهن جو اصل ۽ ڪڌو چهرو آهي، دهشتگردي جي پٺيان انهن جا پنهنجا ئي ماڻهو آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان خيبرپختونخواهه حڪومت کان صحت، تعليم جي بجيٽ، انفراسٽرڪچر ۽ ڊيولپمينٽ ۽ عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن تي خرچ ٿيندڙ رقم جو حساب وٺنداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو سڄو فوڪس پنهنجي بزدلي تي آهي ته دهشتگردن جي خلاف هڪ لفظ نه ڳالهايو وڃي. هن چيو ته جتي دهشتگردن جو خوف موجود آهي اتي مالي مفادن ۽ ڪمائي جو نيڪسس به آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ اسڪيم متعارف ڪرائي آهي ته جيئن خيبرپختونخواهه جو ٽيلنٽ به ان سهولت کان محروم نه رهي. وفاقي منصوبا وفاقي حڪومت ئي مڪمل ڪري رهي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته قومي سلامتي تي جيڪا به بجيٽ خرچ ٿئي ٿي اها مڪمل طور تي وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ڪنهن به شڪل ۾ اهي خرچ وفاق ئي برداشت ڪري ٿو، صوبا ان ۾ حصو نه ٿا وجهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي گهرجي ها ته اها ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي نئين فورس بيهاري ها، سيف سٽي جو ٺوس نظام قائم ڪري ها، جديد فارنزڪ ليبارٽريون ٺاهي ها، جيڪڏهن دهشتگردي جو خاتمو نه ڪرڻو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏوهن تي ضابطو آڻي وٺي ها. وفاقي وزير چيو ته ٽمبر، ٽوبيڪو، آئل ۽ ڊرگ مافيا جا مکيه انهن جا دوست آهن ۽ انهن جي پارٽي ۾ موجود آهن، انهي لاءِ اتي سڌارا نه ٿا آندا وڃن ۽ نظام کي ڄاڻي واڻي انهي حالت ۾ هلايو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي آئيني ۽ قومي ذميواريون پوريون ڪندي رهندي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ قدمن جو سلسلو جاري رکيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صوبائي حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي گورننس بهتر بڻائي، جيڪڏهن قانونسازي جي حوالي سان يا ڪنهن به قسم جي معاونت گهربل هجي ته وفاقي حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ غيرقانوني طور تي جبلن کي ڪاٽي معدنيات ڪڍي پئي وڃي، خدارا صوبي جي قدرتي وسيل تي ڌاڙو هڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت هرگز اهو نه ٿي چاهي ته مظلوميت جو ڪو بيانيو پي ٽي آءِ جي هٿ ۾ ڏنو وڃي، گذريل 12 سالن ۾ صوبي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون بي نقاب ٿي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي دلي خواهش آهي ته پشاور لاهور کان بهتر ٿئي، اتان جا رستا، اسڪول، اسپتالون، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون وڌيڪ معياري هجن. هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪندي، هر حڪومت وٽ گورنر راڄ جو آئيني آپشن موجود هوندو آهي جڏهن ته ان حوالي سان هن مرحلي تي ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته صوبي جا معاملا ڪيئن بهتر بڻائي سگهجن ٿا، جيڪڏهن ڪير ڳالهين ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي نه هجي ته مسئلا ڪيئن حل ٿيندا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جا نمائندا به شامل هوندا ته جيئن گڏيل طور تي معاملن جو حل ڪڍي سگهجي. هن چيو ته اسلام آباد دنيا جي صاف ترين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ ڪجهه علائقن ۾ صفائي جا مسئلا موجود ٿي سگهن ٿا پر اهو تاثر صحيح نه آهي ته مرڪزي رستن کي ٽوڙي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت پوي. وفاقي وزير چيو ته ٽوبيڪو مافيا جي خلاف ايف بي آر متحرڪ آهي، ايف بي آر ڀرپور ڪارروايون ڪندي غيرقانوني سگريٽ فيڪٽرين تي ڇاپا هنيا، انهن کي سيل ڪيو، ڏنڊ هنيا ۽ گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي سرزمين جو پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ ۽ ڀارت سان ان جو واضح ڳٺ جوڙ ڪنهن کان لڪيل نه آهي، اهي عنصر رڳو پاڪستان جي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اهي پاڪستان جو مقابلو ڪرڻ جي غلط فهمي ۾ مبتلا آهن ته الله جي فضل سان انهن کي هڪ ڀيرو ٻِهر شڪست ڏسڻي پوندي، انهن ۾ ايتري سگهه نه آهي جو اهي پاڪستان کي منهن ڏئي سگهن، اهي دهشتگرد آهن، دهشتگردي کي فروغ ڏئي رهيا آهن ۽ هر رخ کان انهن جي آئيڊيالوجي هڪ ئي آهي، دهشتگرد جو نه ڪو رنگ هوندو آهي، نه نسل ۽ نه ئي ڪو ايمان. تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته ڳالهيون اڳ ۾ به ٿي چڪيون آهن، پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وئي، سوال اهو آهي ته ڳالهه ٻولهه کان ڀڳو ڪير؟ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان ۾ ڳالهين جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ڪري چڪو آهي، وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس ۾ به واضح طور تي چيو، جڏهن ته اهو به طئي ٿيو ته اهڙو رويو قابل قبول نه ٿو ٿي سگهي جنهن ۾ ملڪ جي سالميت ۽ پاڪ فوج جي خلاف بيانيو جاري رکيو وڃي، ان طرزعمل کي رد ڪرڻو پوندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جي اندر ايترا گروپس بڻجي چڪا آهن جو اهو به واضح نه آهي ته ڳالهيون ڪير ڪندو، اهي مختلف ۽ متضاد بيان ڏئي رهيا آهن پر ڳالهين جي لاءِ هڪ به نمائندو نامزد نه ڪري سگهيا. وزيراعظم ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ به گهرجي، پر حقيقت اها آهي ته اهي عنصر ڳالهين جي عمل ۾ سنجيده نه آهن، جيڪڏهن سنجيده هجن ها ته ايپڪس ڪميٽي ۽ ٻين اهم اجلاسن ۾ شرڪت ڪن ها، اهي نه عوامي مسئلن جي حل ۾ سنجيده آهي، نه سياسي درجه حرارت گهٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ نه ئي ملڪ جي مفاد ۾ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ته نيب کي نيازي ڳٺ جوڙ جي اصطلاحن تحت استعمال ڪيو ويندو هو ڇو ته ان وقت مرزا شهزاد اڪبر نيب جو خاص معاون هو ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ سيل قائم هو جيڪو طئي ڪندو هو ته ڪنهن کي ڪهڙي طريقي سان اندر ڪرڻو آهي. هن چيو ته ٻئي طرف اسان جو وزيراعظم احتساب ۽ رول آف لاء تي يقين رکي ٿو پر هن سياسي وڪٽمائيزيشن جي لاءِ ڪو سيل قائم ناهي ڪيو، اسان وٽ ڪو احتساب بابت صلاحڪار نه آهي، نيب هڪ آزاد ادارو آهي ۽ ان جو پنهنجو مينڊيٽ آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم نه آهي ته نيب جي معاملن ۾ مداخلت ڪري يا چوي ته ڪنهن مخصوص ڪيس کي اڳتي وڌايو وڃي، ڪوهستان ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو ڪيس سامهون آيو، نيب پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت جي ماتحت ادارن ۾ ايندڙ ڪيسز جو نوٽيس وٺي ٿي ۽ انهن جي پيروي به ڪري ٿي، پر نيب جو مينڊيٽ مڪمل طور تي حڪومت کان جدا ۽ خودمختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيتريون ئي اهڙيون انڊسٽريون هيون جن جا اسمگلنگ سان رابطا هئا، انهن نيٽ ورڪس کي ٽوڙيو ويو، کاڌي پيتي جي شين تي ڪيو آر ڪوڊ متعارف ڪرايا ويا، تماڪ جي فيڪٽرين تي ڇاپا هنيا ويا، انهن کي سيل ڪيو ويو ۽ قانون موجب ڪارروايون عمل ۾ آنديون ويون. هن چيو ته جتي جتي انفورسمنٽ جو مينڊيٽ وفاق وٽ آهي اتي وفاقي حڪومت پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي رهندي جڏهن ته جيڪي معاملا صوبائي دائره اختيار ۾ اچن ٿا اهي صوبن جي ذميواري آهي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بي پناهه پوٽينشل موجود آهي، اربين ڊالر ماليت جا قيمتي جيمز ۽ اسٽونز موجود آهن پر انهن جي برآمدات تي ڌيان نه ڏنو ويو، اهڙي طرح ٽي سئو ڊيم ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، سوال اهو آهي ته اهي ڊيم ڪيڏانهن ويا؟ ڪيترا ڊيم ٺهيا؟ انهن سمورن ذريعن مان وڏو روينيو حاصل ٿي سگهيو پئي پر انهن کي استعمال نه ڪيو ويو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڪا منظم ٽمبر مافيا موجود نه آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسٽرڪچرل ريفارمز جو عمل جاري آهي، بجلي جي بلن ۾ 35 رپيا پي ٽي وي فيس ختم ڪئي وئي آهي جهڙي طرح غيرضروري خرچ ختم ڪيا ويا اهڙي طرح آءِ پي پيز جي معاملي تي پڻ عملي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ڪيترن ئي عالمي معاهدن ۽ پيچيده معاملن کي حل ڪيو ويو، آءِ پي پيز جا ڪيترائي معاهدا ختم ڪيا ويا جن ۾ وڏا وڏا ڪانٽريڪٽس شامل هئا، توانائي وارو وفاقي وزير اويس لغاري بهترين وزيرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن سولر ۽ توانائي جي ٻين شعبن ۾ موثر پاليسيون جوڙيون. وفاقي وزير چيو ته سمورن ڊسڪوز ۾ پيشيواراڻي صلاحيت رکندڙ ماڻهو مقرر آهن ۽ ڪنهن به ايم اين اي يا ايم پي اي کي اتي وڃي سفارش ڪرڻ جي اجازت نه آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته دهشتگردن جي هارڊ ٽارگيٽس تائين پهچڻ جي صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي، دهشتگردن خضدار ۾ ٻارن جي بس تي ان لاءِ حملو ڪيو ته اهي هارڊ ٽارگيٽس تائين نه پهچي سگهندا هئا. هن چيو ته پاڪستان جي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پوري محنت سان فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ انشاءَ الله دهشتگردي جي ان جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين.











