پي ايم آءِ ايف 2026ع جي تيارين کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي وسيع شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستاني سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز سان بريفنگ سيشن منعقد

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2026ع (پي ايم آءِ ايف 2026ع) جي تيارين کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي وسيع شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم پرڏيهي دارالحڪومتن ۾ مقرر پاڪستان جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز سان هڪ بريفنگ سيشن ڪوٺائي. هي اجلاس پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز سان آن لائن منعقد ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم ڊويزن …

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2026ع (پي ايم آءِ ايف 2026ع) جي تيارين کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي وسيع شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم پرڏيهي دارالحڪومتن ۾ مقرر پاڪستان جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز سان هڪ بريفنگ سيشن ڪوٺائي. هي اجلاس پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز سان آن لائن منعقد ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم ڊويزن جي سينيئر آفيسرن ۽ اهم سرڪاري ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سفارتي رابطن کي قومي معاشي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ پي ايم آءِ ايف 2026ع کي پاڪستان جي معدني وسيلن جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ نمايان پليٽ فارم طور پيش ڪرڻ تي توجهه ڏني وئي. بريفنگ دوران وفاقي وزير پي ايم آءِ ايف 2026ع  جي ويزن واڌ ۽ اسٽريٽجڪ اهميت تي روشني وجهندي زور ڀريو ته هي فورم هڪ قومي معاشي ترجيح جي حيثيت رکي ٿو. هن سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز تي زور ڀريو ته هو ميزبان ملڪن ۾ ناليوارين مائيننگ ڪمپنين، اداره جاتي سيڙپڪارن، مالياتي ادارن ۽ لاڳاپيل سرڪاري عملدارن سان فعال رابطا قائم ڪن ته جيئن وسيع ۽ مؤثر عالمي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پي ايم آءِ ايف 2026ع پاڪستان جي معدني وسيلن جي شعبي ۾ مائيننگ بابت آگاهيءَ کي هٿي وٺرائڻ، معاشي سرگرمين جي استحڪام ۽ پائيدار سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندو. پي ايم آءِ ايف 2025ع جي ڪاميابيءَ کي ياد ڪندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته گذريل فورم عالمي معيار موجب منعقد ڪيو ويو هو ۽ ان جا نمايان نتيجا سامهون آيا. فورم ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن مان 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته عالمي ناليوارين ڪمپنين سان 14 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پاڪستان جي معدني وسيلن جي شعبي ۾ وڌندڙ عالمي اعتماد جي عڪاسي آهي. ان تسلسل کي اڳتي وڌائيندي پي ايم آءِ ايف 2026ع کي هڪ اسٽريٽجڪ معاشي قدم طور ترتيب ڏنو پيو وڃي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي معدني وسيلن جي شعبي کي پائيدار ترقي ۽ ڊگهي مُدي طور حاصل ڪرڻ طرف گامزن ڪرڻ آهي. پاڪستان جي سفيرن پي ايم آءِ ايف 2026ع ۾ مضبوط ۽ جدت واري بين الاقوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي وسيع پارلياماني نيٽ ورڪ کي ڪتب آڻڻ جي عزم کي ورجايو. پي ايم آءِ ايف 2026ع اسلام آباد ۾ 8 کان 9 اپريل 2026ع تي منعقد ٿيندو. فورم ۾ اسٽريٽجڪ ڪانفرنس، ٽيڪنيڪل ڪانفرنس ۽ عالمي نمائش سان گڏوگڏ جيم اسٽون نمائش ۽ هڪ جامع ري سورس لائبريري به شامل هوندي جيڪا سيڙپڪاريءَ جي باخبر ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل فيصلن ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

مزید خبریں