اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه جمعي ڏينهن اقتصادي سڌارن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي پاليسي سازي ۾ پلاننگ ڪميشن جي تاريخي ۽ مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پلاننگ ڪميشن کي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اقتصادي سڌارن بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه جمعي ڏينهن اقتصادي سڌارن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي پاليسي سازي ۾ پلاننگ ڪميشن جي تاريخي ۽ مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پلاننگ ڪميشن کي بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن اها اسٽريٽجڪ پاليسي ترجيحن جي تعين ۽ پبلڪ انويسٽمينٽ جي موثر نگراني ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي. نائب وزيراعظم چيو ته پلاننگ ڪميشن کي وزيراعظم جي سڌوسنئون قيادت ۾ هڪ اعليٰ ترين اداري جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ هڪ ٺوس پاليسي ۽ منصوبابندي ونگ ۽ هڪ جدا ترقيايت ونگ شامل هجي. هن چيو ته سمورا وڏا اقتصادي فيصلا قومي اقتصادي حڪمت عملي سان هم آهنگ هجڻ گهرجن ۽ ان جي لاءِ واضح اهم ڪارڪردگي جا اشارا مقرر ڪيا وڃن ته جيئن احتساب، ڪارڪردگي ۽ حڪومتي هم آهنگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته پلاننگ ڪميشن کي اقتصادي فيصلن جي لاءِ مرڪزي ڪليئرنگ هائوس جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪو وزارتن ۽ ڊويزنن کي پاليسي ۾ تسلسل، ٺوس ترقياتي منصوبابندي ۽ پاڪستان جي اقتصادي نظم ۽ ضبط کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پائيدار سڌارن جي لاڳو ۾ رهنمائي فراهم ڪري. اجلاس ۾ ناڻي، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن ۽ موسمياتي تبديلي وارن وفاقي وزيرن، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پلاننگ واري سيڪريٽري، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.











