موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، اسلام آباد ۾ پيپر ملبري جي وڻن جي انگ ۾ گهٽتائيءَ جي مهم بابت بريفنگ ڏني وئي

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صدارت هيٺ اسلام آباد جي ماحولياتي تحفظ ۽ وڻڪاري جي تحفظ بابت قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير طلال چوڌري، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين محمدعلي رنڌاوا سميت …

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صدارت هيٺ اسلام آباد جي ماحولياتي تحفظ ۽ وڻڪاري جي تحفظ بابت قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير طلال چوڌري، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين محمدعلي رنڌاوا سميت اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير کي اسلام آباد ۾ غير مقامي پيپر ملبري جي وڻن جي انگ ۾ گهٽتائيءَ لاءِ جاري مهم جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻُڌايو ويو ته پيپر ملبر هڪ الرجي پيدا ڪندڙ قسم آهي جيڪو وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي شهرين ۾ شديد الرجي ۽ دم جهڙن مرضن جو وڏو سبب آهي. مهم تحت ان علائقن ۾ جتي پيپر ملبري جي وڻن جو انگ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جن ۾ شڪر پڻيان، ايف-9 پارڪ، ايڇ-8، ايڇ-9 سيڪٽرز سميت ٻيا علائقا شامل آهن، اتي ان وڻن کي مرحليوار هٽائي انهن جي جاءِ تي ميويدار ۽ چيڙهه جا وڻ لڳايا پيا وڃن. وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آباد جي ساوڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ ان مهم تحت هر هڪ وڻ جي بدلي وڌيڪ وڻ لڳائڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي ته جيئن شهر جي مجموعي ساوڪ ۾ گهٽتائي نه اچي. وڻڪاري جي منصوبي ۾ بالغ مقامي وڻن کي لڳائڻ به شامل آهي ته جيئن ماحولياتي بحالي جو عمل تيز ڪري سگهجي. اسلام آباد ۾ ايندڙ بهار جي موسم ۾ وقت سر وڻڪاري کي يقيني بڻائڻ لاءِ اي پي اي، سي ڊي اي ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي ضرورت تي به غور ڪيو ويو، جڏهن ته ماحولياتي ۽ عوامي صحت جي فائدن کي وڌ کان وڌ بڻائڻ لاءِ مضبوط رٿابندي ۽ عملدرآمد تي زور ڀريو ويو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ لاڳاپيل وزارتن، اي پي اي ۽ آءِ ڊبليو ايم بي جهڙن ماحولياتي تحفظ جي ادارن ۽ سي ڊي اي وچ ۾ طريقيڪار کي مؤثر ۽ گڏيل رابطي کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هدايت ڪئي ته اجازت نامو ۽ لائسنسنگ بابت قانونن ۽ قاعدن جي مڪمل پابندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ شفاف، واضح ۽ مربوط نظام جوڙيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي قانوني ڀڃڪڙي نه ٿئي. اجلاس ۾ موجوده صورتحال جو جامع جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو يوو ته سمورا لاڳاپيل ادارا آئينده جي قدمن خاص ڪري وڻڪاري جي حوالي سان مشاورت ۽ ويجهو تعاون جاري رکندا.

مزید خبریں