اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستان روپئي جي ملهه ۾ 03 پئسن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 280 روپيا 2 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر …
پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستان روپئي جي ملهه ۾ 03 پئسن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 280 روپيا 2 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 روپيا 67 پئسا جڏهن ته بحرين جي دنيار جو اگهه 742 روپيا 85 رهيو، اهڙي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 727 روپيا 35 پئسا رهيو، ڪويت جي دنيار جو اگهه 916 روپيا 30 پئسا ۽ قطر جي ريال جو اگهه 76 روپيا 61 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 280 روپيا 75 پئسا ۽ وڪري واري قيمت 282 روپيا 80 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.











