سعودي عرب جي سفير جي وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ملاقات،گڏيل اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد-09 جنوري(اي پي پي)سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن  وچ ۾ گڏيل اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان  موجب ان موقعي تي وفاقي وزير مصدق ملڪ …

اسلام آباد-09 جنوري(اي پي پي)سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن  وچ ۾ گڏيل اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان  موجب ان موقعي تي وفاقي وزير مصدق ملڪ موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان پاڪستان جي ترجيحن کان آگاهه ڪندي عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي حصيداري جي اهميت تي زور ڀريو. هن مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان سعودي عرب جي سهڪار ۽ مدد جي واکاڻ ڪئي. سعودي سفير پاڪستان سان ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . ملاقات دوران ٻنهي  اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ان يقين جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي حصيداري مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

مزید خبریں