پاڪستان ۾ ڊجيٽل فنانس جي شعبي ۾ اھم اڳڀرائي، ٽوڪنائزيشن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ يو اي اي جي وفد جو اعليٰ سطح جو اجلاس

اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڊجيٽل فنانس ۽ ورچوئل اثاثن جي شعبي ۾ ھڪ اھم سنگ ميل پار ڪندي وزيراعظم جي آفيس ۾ پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ گڏيل عرب امارات جي اعليٰ سطح جي وفد وچ ۾ ھڪ خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريئل اسٽيٽ، سرڪاري اثاثن ۽ قرض جاتي مالياتي اوزارن جي ٽوڪنائزيشن جي امڪانن ۽ طريقن تي تفصيلي مشاورت ڪئي …

اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڊجيٽل فنانس ۽ ورچوئل اثاثن جي شعبي ۾ ھڪ اھم سنگ ميل پار ڪندي وزيراعظم جي آفيس ۾ پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ گڏيل عرب امارات جي اعليٰ سطح جي وفد وچ ۾ ھڪ خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريئل اسٽيٽ، سرڪاري اثاثن ۽ قرض جاتي مالياتي اوزارن جي ٽوڪنائزيشن جي امڪانن ۽ طريقن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ايس آءِ ايف سي اختيارين مطابق اجلاس ۾ گڏيل عرب امارات جي عالمي شھرت ماڻيندڙ خانگي ريئل اسٽيٽ ۽ سيڙپڪاري واري ادري ڊي اي ايم اي سي گروپ ۽ ان جي ريگيوليٽڊ پليٽ فارم تي ايپڪو جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊيماڪ گروپ عالمي سطح تي ريئل اسٽيٽ ۽ سيڙپڪاري جي جديد منصوبن جي حوالي سان نمايان مقام رکي ٿو. اجلاس جي صدارت پاڪستان جي ورچوئل اسيٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب ڪئي، جڏھن ته گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد الزعابي خاص طور شرڪت ڪئي، جيڪا پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ ڊجيٽل معيشت ۽ سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ ۾ مضبوط سھڪار جي عڪاسي آھي. ان موقعي تي بلال بن ثاقب چيو ته پاڪستان ۾ ٽوڪنائزيشن کي ھڪ قومي معاشي ڌر طور ڏٺو پيو وڃي، جنھن ذريعي غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري جي قابل وسيلن ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته ٽوڪنائزيشن کان ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين اثاثن ۾ شفاف، محفوظ ۽ عالمي معيار مطابق عالمي سيڙپڪاري کي ھٿي ملندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته ڊجيٽل فنانس جي شعبي ۾ سڌارن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان عالمي سيڙپڪارن ۽ ادران جي پاڪستان ۾ دلچسپي ۾ نمايا اضافو ٿي رھيو آھي، جيڪو ملڪ جي روشن ڊجيٽل ۽ معاشي مستقبل جي اميد آھي.

مزید خبریں