اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪينسر جي مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪينسر جي مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ڪينسر جي مريضن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مفت دوائن جي فراهمي جي معاهدي جي تقريب دوران ڪيو. هن چيو ته دوائون پاڪستان حڪومت ۽ دوا ساز ڪمپني روش جي گڏيل تعاون سان فراهم …

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪينسر جي مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ڪينسر جي مريضن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مفت دوائن جي فراهمي جي معاهدي جي تقريب دوران ڪيو. هن چيو ته دوائون پاڪستان حڪومت ۽ دوا ساز ڪمپني روش جي گڏيل تعاون سان فراهم ڪيون وينديون، 5 سالن جي منصوبي مان ڪينسر جا هزارين مريض فائدو کڻندا. هن چيو ته  پمز اسپتال ۾ اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پمز اسپتال ۾ ڪينسر جي مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون جنهن مان 70 سيڪڙو خرچ ڪمپني جڏهن ته باقي 30 سيڪڙو خرچ حڪومت برداشت ڪندي، عوام کي معياري علاج جي سهولت جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ اٽڪل 745 مريضن جيڪي ڪينسر جي علاج لاءِ پمز اسپتال ايندا، انهن جي علاج لاءِ دوائون مفت فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ڪينسر جي علاج لاءِ اٽڪل هڪ ڪروڙ ماليت جون دوائون مفت فراهم ڪيون وينديون. ڪينسر جهڙي موذي بيماري پوري خاندان کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي، دوا ساز ڪمپني روش پاڪستان وٽ 3 قسمن  جي ڪينسر جي علاج جون دوائون آهن، انهن دوائن مان ڇاتي جي ڪينسر، ڦڦڙن جي ڪينسر ۽ ليور ڪينسر جو علاج ممڪن آهي. هن چيو ته 10 لک حڪومت ۽ اٽڪل 90 لک ڪمپني فراهم ڪندي، هي پهريون مرحلو آهي ته پبلڪ پرائيويٽ جو اعتماد بحال ٿيندو ته وڌيڪ منصوبا به شروع ٿيندا. هن چيو ته هيلٿ ڪيئر بيماري کان بچائڻ جو نالو آهي. وزيراعظم جي رهنمائي ۽ فڪرمندي سان اسان صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، پمز اسپتال مان ان منصوبي جي شروعات ٿيندي.

مزید خبریں