اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته حج 2026ع جا سمورا حج پانڌيئڙا تربيتي ورڪشاپس ۾ شرڪت يقيني بڻائين، جيڪي حج پانڌيئڙا اڃان تائين پنهنجي شيڊول موجب تربيت حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اهي متبادل تاريخ ۽ هنڌ تي پنهنجي حاضري لازمي لڳرائين.گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب وزارت تربيتي شيڊول جي حوالي سان حج پانڌئيڙن کي آگاهه ڪيو آهي ته حج …
حج پانڌيئڙا تربيتي ورڪشاپس ۾ شرڪت يقيني بڻائين: مذهبي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته حج 2026ع جا سمورا حج پانڌيئڙا تربيتي ورڪشاپس ۾ شرڪت يقيني بڻائين، جيڪي حج پانڌيئڙا اڃان تائين پنهنجي شيڊول موجب تربيت حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اهي متبادل تاريخ ۽ هنڌ تي پنهنجي حاضري لازمي لڳرائين.گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب وزارت تربيتي شيڊول جي حوالي سان حج پانڌئيڙن کي آگاهه ڪيو آهي ته حج تربيت (پهرين مرحلي) جو مڪمل شيڊول پاڪ حج 2026ع موبائيل ايپ ۽ ويب سائيٽ تي موجود آهي. جيڪي حج پانڌيئڙا پنهنجي مقرر تربيت ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا اهي متبادل تاريخ ۽ هنڌ تي تربيت حاصل ڪري پنهنجي حاضري لازمي لڳرائين. حج پانڌئيڙن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي شيڊول موجب حج تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت يقيني بڻائين.











