اسلام آباد-09 جنوري(اي پي پي)پاڪستان جا مستحڪم معاشي بنياد ۽ لڳاتار معاشي اڳڀرائي قومي خوشحالي سان گڏو گڏ سيڙپڪاري جي روشن مستقبل جي اميد بڻجي چڪي آهي.گذريل ڏهاڪن دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندي عالمي سطح تي نمايان حيثيت حاصل ڪئي آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ٻن ڏهاڪن جي تاريخ ساز ڪارڪردگي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ڊالر جي بنياد تي 161 سيڪڙو جڏهن …
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻن ڏهاڪن جي تاريخ ساز ترقي، سيڙپڪاري جي روشن مستقبل جي اميد

مزید خبریں
اسلام آباد-09 جنوري(اي پي پي)پاڪستان جا مستحڪم معاشي بنياد ۽ لڳاتار معاشي اڳڀرائي قومي خوشحالي سان گڏو گڏ سيڙپڪاري جي روشن مستقبل جي اميد بڻجي چڪي آهي.گذريل ڏهاڪن دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندي عالمي سطح تي نمايان حيثيت حاصل ڪئي آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ٻن ڏهاڪن جي تاريخ ساز ڪارڪردگي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ڊالر جي بنياد تي 161 سيڪڙو جڏهن ته پاڪستاني رپئي ۾ 190 سيڪڙو جو شاندار اضافو رڪارڊ ڪيو. ان غير معمولي اڳڀرائي سبب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مارڪيٽس ۾ عالمي سطح تي ٻئين نمبر تي پهچي ويو آهي. معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾(ايس ايف سي) جي شاندار قيادت ۽ مربوط سهولت ڪاري اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ سيڙپڪاري مارڪيٽ کي استحڪام مليو ۽ عالمي سطح تي ان جي ساک وڌيڪ مضبوط ٿي. گذريل 18 مهينن دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري جي انگن اکرن ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ 135،000 کان به وڌيڪ نوان سيڙپڪار مارڪيٽ جو حصو بڻيا. اهڙيءَ طرح گذريل 9 مهينن ۾ پي ايس ايڪس ۾ شامل ڪمپنين جا مالياتي انگ اکر مستحڪم رهيا ۽ مجموعي منافعي ۾ 14 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. ماهرن موجب سال 2026 ع دوران 16 کان به وڌيڪ نئين لسٽنگ جو امڪان آهي جنهن سان سيڙپڪاري ۾ شموليت، لڪيوڊيٽي ۽ مارڪيٽ جي مضبوطي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. اسٽاڪ مارڪيٽ جي بلندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جو واضع مظهر آهي. ان حوالي سان ناڻي واري وزير جي مشير خرم شهزاد جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو ميڪرو اڪنامڪ ماحول سيڙپڪاري لاءِ هڪ پر ڪشش ۽ قابل اعتماد مرڪز بڻجي چڪو آهي. سندس موجب ملڪ ۾ سيڙپڪارن، صارفين ۽ ڪاروباري طبقي جو اعتماد بحال ٿي چڪو آهي جڏهن ته عالمي ريٽنگ ايجنسين ۽ مالي شراڪتدارن پاران پاڪستان لاءِ مثبت آئوٽ لڪ جو اعتراف به ڪيو ويو آهي، خرم شهزاد وڌيڪ چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي اهي ملڪ ۽ ڪاروباري ادارا جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا انهن لاءِ سيڙپڪاري جو عمل سادو، شفاف ۽ مربوط بڻايو پيو وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس آءِ ايف سي جي حڪمت عملي پاڪستان کي عالمي سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش حب ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جو مضبوط مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو ايندڙ سالن ۾ معيشت لاءِ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو.











