اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وڌندڙ دلچسپي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ موثر معاشي تعاون ۽ سيڙپڪاري طرف وڌي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي …
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ موثر معاشي تعاون ۽ سيڙپڪاري طرف وڌي رهيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وڌندڙ دلچسپي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ موثر معاشي تعاون ۽ سيڙپڪاري طرف وڌي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي ناليواري بزنس گروپ ”سجواڻي گروپ“ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهرا، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته شيخ محمد بن زايد النهيان جي تازي پاڪستان جي دوري ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ سازگار ماحول قائم ڪيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته تازي اعليٰ سطح جي رابطن ۽ مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي نجي شعبن ۽ سيڙپڪارن جي گڏيل اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد ميسر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڊيجيٽل جدت، بلاڪ چين ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس (بي ٽو بي) تعاون کي خصوصي اهميت ڏي ٿي. وزيراعظم پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت ۾ اماراتي سيڙپڪارن جي وڌندڙ دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري، جدت ۽ عالمي رابطن ۽ پاڪستان جي افرادي صلاحيت ۽ قوت معاشي ترقي جي لاءِ انتهائي ڪارائتي حصيداري آهي. سجواڻي گروپ جي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي حصيداري جي موقعن تي وڌيڪ تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت جي مضبوط حمايت سان نجي شعبي جي حصيداري ۾ اضافو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي اقتصادي تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو. سجواڻي گروپ جي وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. بعد ۾ وزيراعظم وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو.











