نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ  لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ …

اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ  لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفن کان 10 جنوري 2026ع تي جده ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس وقت سر منعقد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو ويو.

مزید خبریں