رانا مشهود احمد خان جي لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

لنڊن-08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان برطانيه جي دؤري دوران لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ارجون سڌو سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام، نوجوانن جي قيادت ۽ عالمي سطح تي يوٿ ڊولپمينٽ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رانا مشهود احمد خان ان موقعي تي چيو ته ڪامن ويلٿ …

لنڊن-08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان برطانيه جي دؤري دوران لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ارجون سڌو سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام، نوجوانن جي قيادت ۽ عالمي سطح تي يوٿ ڊولپمينٽ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رانا مشهود احمد خان ان موقعي تي چيو ته ڪامن ويلٿ جي يوٿ گلوبل ليڊرشپ ۾ پاڪستان جو وزيراعظم يوٿ پروگرام نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽريل ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ پاڪستان ڪوچيئرمين جي حيثيت سان نوجوانن جي مسئلن ۽ ترجيحن کي مؤثر انداز ۾ اجاگر ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل جي تعاون ۽ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام بابت پاڪستان جي ڳڻتي ۽ وقت سر ۽ مثبت ردِعمل تي شڪريو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ڪامن ويلٿ  يوٿ پروگرام کي ضم نه ڪرڻ جو فيصلو نوجوانن جي مفاد ۾ هڪ اهم قدم آهي. رانا مشهود احمد خان اعلان ڪيو ته ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جو اجلاس هلندڙ مهيني گُهرائڻ جو اِرادو آهي، جڏهن ته ڪامن ويلٿ ايشيا الائنس جو سيڪريٽريٽ گذريل سال اسلام آباد ۾ قائم ٿي چڪو آهي، جيڪو خطي جي نوجوانن لاءِ هڪ نمايان اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي مضبوط بڻائڻ نه صرف پاڪستاني پر سڄي دنيا جي نوجوانن لاءِ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جو نوجوان ئي سڀاڻي جو قائد ۽ تبديليءَ جو علمبردار هوندو. ملاقات ۾ ڪامن ويلٿ اِي لرننگ پليٽ فارم کي ڊجيٽل يوٿ حب سان منسلڪ ڪرڻ جي امڪانن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي يوٿ پروگرامز ۾ گڏيل تعاون تي ٿورن جو اظهار ڪيو ويو ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي مختلف قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. رانا مشهود احمد خان ڪامن ويلٿ سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دؤري جي باضابطه دعوت ڏني.

مزید خبریں