وزيراعظم پاران پاڪستان سپر ليگ جي لاءِ ٽيمن جي آڪشن جي مرحلي جي ڪاميابي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مبارڪون

اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي لاءِ ٽيمن جي آڪشن جي مرحلي جي ڪاميابي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي ايس ايل خطي جي وڏي ليگز ۾ سرفهرست بڻجي وئي، ملڪ ۾ راندين جون رونقون ٻيهر بحال ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن رضا …

اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي لاءِ ٽيمن جي آڪشن جي مرحلي جي ڪاميابي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي ايس ايل خطي جي وڏي ليگز ۾ سرفهرست بڻجي وئي، ملڪ ۾ راندين جون رونقون ٻيهر بحال ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن رضا نقوي ۽ پي ايس ايل منعقد ڪرڻ ۾ شريڪ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وقت سان گڏوگڏ الحمدالله پي ايس ايل خطي جي وڏي ليگز ۾ سرفهرست بڻجي وئي. وزيراعظم چيو ته پي ايس ايل ۾ ٻن نئين ٽيمن جو آڪشن ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، ٻن نئين ٽيمن جي شموليت سپر ليگ ۾ هڪ نئون روح وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته نئين ٽيمن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري پاڪستان سپر ليگ جي عالمي سطح تي مقبوليت ۽ ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، پاڪستان سپر ليگ جي هلندڙ سال راندين سان ڪرڪيٽ جا شوقين نه رڳو محظوظ ٿيندا پر نئين ۽ نوجوان ٽيلينٽ کي موقعو ملندو.

مزید خبریں