چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان بنگلاديش ايئرفورس جي چيف آف ايئر اسٽاف جي ملاقات

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان بنگلاديش ايئرفورس جي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل حسن محمود خان نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه معزز مهمان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ملاقات دوران گڏيل پيشيوراڻي دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي بدليل سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي تعاون …

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان بنگلاديش ايئرفورس جي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل حسن محمود خان نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه معزز مهمان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ملاقات دوران گڏيل پيشيوراڻي دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي بدليل سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيول چيف مختلف قدمن ذريعي خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ استحڪام لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. ايئر چيف مارشل حسن محمود خان پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي معيار جي ساراهه ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل تربيتي مشقن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. بنگلاديشي ايئر چيف جو هي دؤرو پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ وڌندڙ دفاعي لاڳاپن جي عڪاس آهي، ان کان اڳ ايڊمرل نويد اشرف 2025ع جي آخر ۾ بنگلاديش جو دؤرو ڪيو هو.

مزید خبریں