پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ ڪلينڪل ٽرائلز جو علائقائي حب بڻجڻ وڃي رهيو آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ ڪلينڪل ٽرائلز جو علائقائي حب بڻجڻ وڃي رهيو آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊريپ بائيو اسٽڊي رولز ۾ ضروري ترميمون ڪيون پيون وڃن. ڪالهه اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ ڪلينيڪل ٽرائلز سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ بابت جائزي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪلينيڪل ٽرائلز  کي …

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ ڪلينڪل ٽرائلز جو علائقائي حب بڻجڻ وڃي رهيو آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊريپ بائيو اسٽڊي رولز ۾ ضروري ترميمون ڪيون پيون وڃن. ڪالهه اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پاڪستان ۾ ڪلينيڪل ٽرائلز سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ بابت جائزي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪلينيڪل ٽرائلز  کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام ضروري قدم کنيا پيا وڃن ۽ عالمي معيار موجب شفاف، مؤثر ۽ تيز نظام قائم ڪيو ويندو جنهن ۾ سمورن درخواستگذارن کي آن لائن ڪرڻ لاءِ جديد ڊجيٽل سسٽم لاڳو ڪرڻ تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪلينيڪل ٽرائلز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ قومي سمٽ جو بندوبست ڪيو ويندو جنهن ۾ ملڪي ۽ عالمي ماهر، ادارا ۽ اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪندا. حڪومت نئين ٽيڪنالاجيز ۽ جديد دوائن کي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سمورا امڪاني سهولت فراهم ڪندي. سڄي دنيا مان ڪنٽريڪٽ ريسرچ آرگنائيزيشنز ۽ اسپانسرز جيڪي پاڪستان ۾ ڪلينيڪل ٽرائلز ۾ دلچسپي رکن ٿا انهن کي مڪمل سهولتون ۽ معاونت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن پاڪستان عالمي سطح تي تحقيق ۽ ترقيءَ جي ميدان ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهي.

مزید خبریں