اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان پراڻي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري تي پاڪستان جي عوام ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏجي …
پاڪستان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي جي هفتيوار پريس بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان پراڻي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري تي پاڪستان جي عوام ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏجي خودمختياري جي حق جو ڏهاڙو ملهايو. هن چيو ته هي ڏينهن 1949ع ۾ گڏيل قومن جي ان قرارداد جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ ڪشميري عوام جي ان حق کي تسليم ڪيو ويو ته اها گڏيل قومن جي نگراني ۾ هڪ آزاد ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري. ترجمان چيو ته عالمي قانون خودمختياري جي حق کي گڏيل قومن جي منشور ۾ شامل هڪ بنيادي اصول جي طور تي تسليم ڪري ٿو، ڪشميري عوام کي گذريل 7 ڏهاڪن کان ڀارت پاران ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو مسلسل غيرقانوني قبصو اسان جي عهد جي المناڪ ۽ حل طلب تڪرارن مان هڪ آهي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي منظم ڏاڍ، سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ بنيادي حقن ۽ انساني وقار کان انڪار درپيش آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرائڻ خاص طور تي ميڊيا کي دٻائڻ جون مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، ڪشميري سياسي نظربند ٿيلن جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته قابض عملدارن والاريل علائقي ۾ 16 سياسي تنظيمن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، بيگناهه ڪشميرين جي پروفائيلنگ، هراسمينٽ، انڌاڌنڌ گرفتارين ۽ نام نهاد ”ڪارڊن اينڊ سرچ“ آپريشنز والاريل علائقي ۾ معمول بڻجي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هزارين ڪشميري اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي جا ميمبر قيد جون مصيبتون برداشت ڪري رهيا آهن. مسرت عالم، شبير احمد شاهه، آسيه اندرابي، ڊاڪٽر قاسم فڪتو، ايڊووڪيٽ عبدالقيوم، فهميده صوفي ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ ڪيترن ئي سالن کان قيد ۾ آهن. محمد ياسين ملڪ کي هڪ نام نهاد عدالتي ڪارروائي کانپوءِ سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته خرم پرويز ۽ صحافي عرفان معراج ڀارتي قابض عملدارن جي انتقامي ڪاررواين جي ڪري اڃا تائين جيل ۾ آهن. طاهر حسين اندرابي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جا غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم ڀارتي غيرقانوني قبضي کي آبادياتي تبديلي جي ذريعي مضبوط بڻائڻ جي کليل ڪوشس آهي. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪشميري عوام کي انهن جي پنهنجي وطن ۾ هڪ بي اختيار ۽ محروم برادري ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪا عالمي قانون ۽ خودمختياري جي حق جي مڃيل اصولن جي واضح خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ظلم ۽ ڏاڍ ۽ بي شمار قربانين سان ڪشميري عوام پنهنجي جائز خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد ۾ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.











