اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۾ فيري ٽرمينل جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن ان قدمن کي علائقائي ۽ سامونڊي سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي بليو اڪانومي کي مضبوط بنائڻ طرف هڪ سنگِ ميل قرار ڏنو. وزارت پاران جاري بيان موجب افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته فيري سروس …
ڪراچي پورٽ تي فيري ٽرمينل جو افتتاح، سامونڊي ساحت کي هٿي ملندي: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۾ فيري ٽرمينل جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن ان قدمن کي علائقائي ۽ سامونڊي سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي بليو اڪانومي کي مضبوط بنائڻ طرف هڪ سنگِ ميل قرار ڏنو. وزارت پاران جاري بيان موجب افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته فيري سروس جي شروعات پاڪستان ۾ جديد ۽ محفوظ پائيدار سامونڊي مسافر ٽرانسپورٽ متعارف ڪرائڻ سندس پراڻي ويزن جو عملي شڪل آهي. هن ٻُڌايو ته فيري سروس هلندڙ مهيني شروع ڪرڻ جي توقع آهي ۽ هي منصوبو وزيراعظم جي بليو اڪانومي ويزن سان مڪمل هم آهنگ آهي جنهن جو مقصد سامونڊي وسيلن سان جُڙيل معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ آهي. محمد جنيد انوار چوڌري چيو ته فيري سروس صرف هڪ سفري سهولت ناهي پر معاشي موقعن، سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي رابطن جو نئون ذريعو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيري سروس جا لائسنس جاري ڪيا ويا آهن جيڪي سامونڊي شعبي جي لاءِ هڪ تاريخي قدم آهن. وفاقي وزير چيو ته فيري ٽرمينل جي افتتاح سان ڪاروباري برادريءَ جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيندو ۽ هي نجي شعبي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي جي حڪومتي عزم جو عملي ثبوت آهي. هن ٻُڌايو ته سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ان جا ماتحت ادارا خاص ڪري بندرگاهون، پاليسي سڌارن، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي بليو اڪانومي وڌائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. سيڙپڪارن جي وڌندڙ دلچسپيءَ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته وڌيڪ ڪاروباري شخصيتون فيري سروس هلائڻ لاءِ لائسنس حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته نجي شعبي جي شموليت سان سامونڊي سياحت کي هٿي ملندي ۽ روزگار، ٽرانسپورٽ، هاسپيٽيليٽي ۽ ٻين شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ٿيندا. وفاقي وزير ڪاروباري برادريءَ تي زور ڀريو ته هو پاڪستاني بندرگاهن سان ڪاروبار لاءِ نوان ۽ تخليقي آئيڊياز پيش ڪن. هن خاطري ڪرائي ته سامونڊي معاملن واري وزارت هر ممڪن تعاون ۽ سهولت ڪن. هن اهو به اعلان ڪيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي جلد جديد صنعتي زون جي قيام جو منصوبو سامهون آڻيندي، جنهن جو مقصد سيڙپڪارن کي جديد انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ آهي. سندس موجب صنعتي زون، صنعتي سرگرميون، روانگي واپار ۽ مجموعي معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.











