آئيني عدالت جو قيام پارليامينٽ جي دانشمنداڻي قانونسازي جو ثبوت آهي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم جو بنيادي مقصد آئيني عدالت جو قيام آهي جنهن ذريعي چئني صوبن کي مناسب ۽ متوازن نمائندگي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ وفاق کي درپيش پراڻين محرومين جو خاتمو ممڪن بڻايو ويو آهي. هو گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ بار ۾ ايڊووڪيٽ طلعت عباس جي ڪتاب جي مهورتي …

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم جو بنيادي مقصد آئيني عدالت جو قيام آهي جنهن ذريعي چئني صوبن کي مناسب ۽ متوازن نمائندگي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ وفاق کي درپيش پراڻين محرومين جو خاتمو ممڪن بڻايو ويو آهي. هو گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ بار ۾ ايڊووڪيٽ طلعت عباس جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. قانون واري وفاقي وزير چيو ته 27 هين آئيني ترميم کي سياسي چارٽر جو حصو بڻايو ويو هو ۽ ان وقت سمورين سياسي پارٽين ان ترميم کي تسليم ڪيو هو، جڏهن ته بار ايسوسيئيشنز طرفان به آئيني عدالت جي قيام جو مسلسل مطالبو ڪيو پئي ويو. اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته ماضي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چئني وحدتن جي نمائندگي تناسب موجب نه هئي، جنهن سبب اعتراض جنم وٺندا رهيا، هاڻي آئيني عدالت جي قيام کانپوءِ اهي شڪايتون ختم ٿي وينديون ۽ مستقبل ۾ ڪنهن مخصوص صوبي يا ججز تي جانبداري جا الزام نه لڳائي سگهبا. هن چيو ته آئيني عدالت هڪ منفرد ۽ مضبوط فورم آهي، جيڪو پارليامينٽ جي دانشمنداڻي قانونسازي جو ثبوت آهي ۽ تاريخ ان قدم کي هڪ وڏي فيصلي طور يار رکندي.وفاقي وزير، ايڊووڪيٽ طلعت عباس جي ڪالم نگار طور خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هن نهايت معياري ۽ مناسب تحريرون قلم بند ڪيون، جن ۾ نواز شريف ڪيس سميت اهم سياسي ۽ قانوني معاملن کي خوبصورتي سان سهيڙيو ويو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته طلعت عباس جي سمورين لکڻين کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ڪجهه موقعن تي هو پاڻ به طلعت عباس کي درخواست ڪندو رهيو ته تحرير ۾ ٿوري نرمي اختيار ڪئي وڃي، سندس لکڻين جي فڪري ۽ گهرائي واکاڻ جوڳي آهي. هن صحافي برادري تي زور ڀريو ته راءِ ڏيندي وقت قانون جي منشا کي ضرور نظر ۾ رکيو وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير وڪيلن جي ڀلائي ۽ بهتري بابت قدمن جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ جي اليون ۾ وڪيلن لاءِ جديد ڪامپليڪس قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وزيراعظم جي خصوصي هدايتن تحت وڪيلن جي مسئلن جي حل کي ترجيح ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ طلعت عباس قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ، سپريم ڪورٽ جي بار جي صدر ۽ وڪيل برادري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته وفاقي وزير پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جيڪو سندس لاءِ هڪ اعزاز آهي.

مزید خبریں