نائب وزيراعظم اسحاق ڊار هلندڙ هفتي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ڪيو: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هلندڙ هفتي دوران سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ڪري يمن بابت سعودي پرڏيهي وزارت جي بيان جي آجيان ڪئي ۽ خطي جي صورتحال جي خوش اسلوبي سان حل جي لاءِ سمورين ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار …

اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هلندڙ هفتي دوران سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ڪري يمن بابت سعودي پرڏيهي وزارت جي بيان جي آجيان ڪئي ۽ خطي جي صورتحال جي خوش اسلوبي سان حل جي لاءِ سمورين ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ سموريون لاڳاپيل ڌريون ڪنهن به قسم جي اشتعال انگيز قدمن کان پاسو ڪن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ مسئلن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ بهتري جي رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جا ٺوس نتيجا نڪري رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ترڪيه جي پرڏيهي وزير حقان فيدان سان ڳالهه ٻولهه ۾ نائب وزيراعظم بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واپار، ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي غور ڪيو.

مزید خبریں