وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو

ڪوئيٽا - 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. هو ڪوئيٽا ۾ سياسي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ بلوچستان ۾ دانش اسڪول، نيشنل هاءِ وي اين – 25 …

ڪوئيٽا – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. هو ڪوئيٽا ۾ سياسي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ بلوچستان ۾ دانش اسڪول، نيشنل هاءِ وي اين – 25 ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سميت ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.

مزید خبریں