نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بنگلاديش، انڊونيشيا، ملائيشا، مصر ۽ ميانمار جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش، انڊونيشيا، ملائيشا، مصر ۽ ميانمار جي پرڏيهي وزيرن سان تازن ڏينهن ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن سميت ايشيا ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد …

اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش، انڊونيشيا، ملائيشا، مصر ۽ ميانمار جي پرڏيهي وزيرن سان تازن ڏينهن ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن سميت ايشيا ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار توحيد حسين سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي لاڳاپن کانسواءِ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ترجمان چيو ته ملائيشيا جي پرڏيهي وزير محمد بن حاجي حسن سان جدا ڳالهه ٻولهه ۾ نائب وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ علائقائي صورتحال سميت تازي علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفن کان مسلسل مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ سمورين سطحن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته 6 جنوري تي نائب وزيراعظم ميانمار جي پرڏيهي وزير يوٿان سوي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده سطح جو جائزو ورتو. هن چيو ته انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ڳالهه ٻولهه ۾ نائب وزيراعظم پاڪستان – انڊونيشيا لاڳاپن، صوماليه ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ غزه ۾ پائيدار امن جي لاءِ جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهن معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته مصر جي پرڏيهي وزير بدر احمد محمد عبدالعاطي سان ڳالهه ٻولهه ۾ نائب وزيراعظم موجوده علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ رابطا جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:45

مزید خبریں